ٽنڊي باگي ۾رولو ڪتن نينگر کي ڏاڙهي وڌو

ٽنڊوباگو (ت ر ) ٽنڊي باگي لڳ ڳوٺ ڪوٽ ملاح ۾ راند ڪندڙ 8 سالن جو معصوم اصغرعلي پٽ پپو ملاح کي  رولو ڪتن چڪ وجھي زخمي ڪيو  کيس  تعلقا اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل ڪرايو ويو جتي وئڪسين ڏيئي ڳوٺ روانو ڪيو ويو آھي ياد رھي ته گذريل ٻن ڏينھن دوران ٻن ٻارن حآڪم زادي ملاح ۽ عبدالرزاق چانڊيو سميت ٽن ٻارڙن کي رولو ڪتن جي چڪ پائڻ باوجود انتظاميا خاموش آهي جڏھن ته ڪتا مارمھم پڻ شروع نه ٿي سگھي آھي نه وري غفلت ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪو ڪيس وغير داخل ٿي سگھيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.