چانڊڪا اسپتال مان ملازم جي موٽر سائڪل چوري

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي جي پارڪنگ مان صبح جي وقت نامعلوم چور اسپتال جي ملازم عمران  ڪناسرو جي موٽرسائيڪل جو تالا ٽوڙي ڪاهي فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع حد جي ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو جنهن تي پوليس پهچي واقعي بابت تفصيل وٺندي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان چانڊڪا اسپتال جي ملازم عمران ڪناسرو ٻڌايو ته معمول موجب صبح جي وقت آءُ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي جي پارڪنگ ۾ پنهنجي موٽرسائيڪل بيهاري ڊيوٽي تي ويس ته پويان نامعلوم چورن موٽرسائيڪل جو تالا ٽوڙي ڪاهي فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع حد جي ٿاڻي جي پوليس کي ڏني پر پوليس هن وقت تائين موٽرسائيڪل هٿ نه ڪري سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.