باڪسرن جي بھتر سکيا لاءِ پتوڙي رهيا آهيون: غوث پٺاڻ

ميرپورخاض (اسپورٽس نيوز) چيئرمين فٽنيس ايسوسيئييشن ۽ ڪو آرڊينيٽر ڊويزنل باڪسنگ ايسوسيئيشن ميرپورخاص  غوث محمد پٺاڻ چيو آھي ته اسان کي انھن ماڻھن جو قدر ڪرڻ گھرجي جيڪي اسان جي ايندڙ نسل کي برائين کان روڪڻ ۽ بھتر صحت جو سبب بڻجن ٿا اھڙن خيالن جو اظھار ھن  باڪسنگ اڪيڊمي گامه اسٽيڊيم ميرپورخاص ۾ سنڌ باڪسنگ ايسوسي ايشن پاران ريفري ججز ۽ ڪوچز جي ڪرايل ڪورس دوران پاس ٿيندڙ عمران بلوچ محمد ياسين پٺاڻ ۽ بين  حصو وٺندڙن کي سرٽيفڪيٽ ۽ شرٽ تقسيم ڪندي ڪيو انھي موقع تي مختلف راندين جي رانديگرن محمد سليم بلوچ، عبدالسلام خان، مجدد بلوچ آفتاب بلوچ غوث محمد پٺاڻ پاران ضلعي انتظاميه ۽ راندين واري کاتي جي آفيسرن کان گھر ڪندي چيو آھي ته اسان کي  ھڪ فڪس رنگ ٺھرائي ڏني وڃي  ته جيئن باڪسر رانديگرن جي وڌيڪ بھتر سکيا ڪري صوبي  ۽ ملڪ جو نالو روشن ٿئي  ٻي صورت ۾ باڪسرن جي ڀلائي لاءِ ھڪ  مستقل مھم ھلائي ويندي  انھي موقعي تي ھن چيو ته اھا سيڪريٽري ڊويزنل باڪسنگ ايسوسيئيشن ۽ ھيڊ ڪوچ باڪسنگ اڪيڊمي ميرپورخاص محمد سليم بلوچ ۽ ان سان گڏ ان جي ٽيم جي محنت آھي .

سجاول جي مسجد مان سولر سسٽم جي بيٽري چوري

سجاول (ن ع آ ) سجاول جي ايريگيشن ڪالوني ۾ قائم مسجد مان نامعلوم چور ڏينهن ڏٺي جو مسجد جا تالا ٽوڙي سولر سسٽم  جي لڳل بيٽري چوري ڪري فرار ٿي ويا آهن، مسجد مان ڏينهن ڏٺي جو ٿيل چوري جي واردات بابت سوشل ميڊيا تي خبرون وائرل ٿيڻ باوجود پوليس انتظاميا چورن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊي سي هائوس سامهون قائم عمر مسجد مان پڻ ڏينهن ڏٺي جو نامعلوم چورن پاران بيٽري ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا هئا جنهن جو پوليس کي اطلاع ڏنو ويو ليڪن پوليس مسجد مان چوري ٿيل بيٽري ۽ ٻيو سامان اڃا تائين هٿ نه ڪري سگهي آهي.

ڪوٽڏيجي مان ڳوٺاڻي جي موٽر سائيڪل چوري

ڪوٽڏيجي(ن ع آ) ڪوٽ بنگلو شھر جي جامع مسجد ۾ جمعي نماز پڙهڻ لاءِ آيل ڳوٺاڻي رحيم بخش مري جي مسجد اڳيان بيٺل  سي ڊي موٽر سائيڪل کي نامعلوم چاٻي چورن آساني سان ڪاهي فرار ٿي ويا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.