حيدرآباد ۾ عورت 3 ٻارن سميت مبينا اغوا، احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي آزاد نگر جي رهواسي وزير اوڏ پنهنجن ٻن معصوم ٻارڙن سان گڏ 2 سال اڳ مبينا اغوا ٿي ويل زال، 2 نياڻين ۽ هڪ پٽ جي بازيابي لاءِ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون  احتجاج ڪندي الزام هنيو ته 2 سال اڳ علائقي جي بااثر ماڻهو پنهون ڀيل سندس زال حسينه ۽ نياڻين ڪويتا، نشا ۽ پٽ ڪرشن کي اغوا ڪري ويو، 2 سال گذرڻ باوجود پوليس کين بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. هن چيو ته زال ۽ ٻارن جي بازيابي لاءِ معزز ماڻهن وٽ دانهيو آهي، پر سندس ڪنهن به مدد ناهي ڪئي. هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس زال ۽ ٻارن کي بازياب ڪرائي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.