جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ جو پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو

جيڪب آباد ( ڊر ) جي يو آء ۽ آبادگارن جو زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، مارچ ۽ ڌرڻو، هزارين ايڪڙ تي بيٺل ٻيجارو سڙي  رهيو آهي. وفاق کان پاڻي جي کوٽ جي فراهمي خلاف آواز اٿارڻ سان گڏ سنڌ ۾ پاڻي جي تقسيم کي شفاف بڻايو وڃي. ڊاڪٽر اي جي انصاري. خبر موجب جمعيت علماء اسلام ۽ آبادگارن پاران زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ،حاجي محمد عباس بنگلانی.مولانا عبدالجبار رند ،مولانا تاج محمد ڀٽي، عبدالله نوناري، قاري عنايت الله مهر، مولانا سجاد احمد نوناري، عبدالقادر چنا. حافظ عبدالرزاق بنگلاڻي. چاڪر خان جکراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪب آباد جي ڳوٺ شاھمراد جکراڻي ۾ ڪڍيو ويو. مظاهرين مختلف رستن تي مارچ ڪري پاڻي جي کوٽ خلاف نعرا هنيا بعد ۾ مخدوم بلاول چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي جي يو آء جي ضلعي صدر ۽ شهري اتحاد جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالغني انصاري ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شاخن ۽ ڪينالن ۾ آبپاشي کاتي جي هٿرادو پاڻي جي کوٽ ڪرڻ شرم ناڪ آهي باربار دانهون ڪرڻ باوجود ڪوبه ٻڌڻ وارو نه آهي. پاڻي آبپاشي کاتي پاران زميندارن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو ان ڪري هزارين ايڪڙ زمين تباهه ٿي رهي آهي.وڌيڪ چيو ته وفاق پاران سنڌ کي پاڻي جي فراهمي گهٽ فراهم ٿي رهيو آهي پر سنڌو درياهه جو گڊو بيراج کان هيٺ پاڻي جي تقسيم به صحيح نه ٿي رهي آهي، هنن چيو ته وفاق پاران پاڻي جي کوٽ جي داداگيري خلاف آواز اٿارڻ سان گڏ سنڌ ۾ پاڻي جي تقسيم شفاف بڻائڻ جي. ضرورت آهي جيئن سمورن آبادگارن صحيح پاڻي پهچي سگهي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.