ناميارو چترڪار قاضي خضر حيات نوابشاهه ۾مٽيءَ ماءُ حوالي

نوابشاھه (رپورٽ : اڪرم چانڊيو) سنڌ سميت بين الاقوامي طور ڪاشي تي مجسما سازي ۽ تصوير سازي ڪندڙ سنڌ جي تمام وڏي علمي،  ادبي گھراڻي سان تعلق رکندڙ انجنيئر قاضي خضر حيات ڪجھ عرصو عليل رھڻ بعد نوابشاھ ۾ پنھنجي رھائش گاھ تي لاڏاڻو ڪري ويو سنڌ جي مشھور شاعر، نوجوان اينڪرپرسن ياصر قاضي سان سندس چاچي شيخ اياز کي ويجھو رھندڙ سنڌ جي نامور شاعر ۽ آرٽسٽ قاضي منظر حيات سان سندس ڀاءُ ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوابشاھ جي اڳوڻي سيڪريٽري شاعر ۽ پبليشر پريتم قاضي سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري.  خبر موجب لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سنڌ جي نامور علمي ادبي شخصيت لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ علم جي روشني پکيڙيندڙ مرحوم قاضي عبدالحي قائل جو فرزند سنڌ اندر ڪاشي تي تصوير ڪشي ڪندڙ نامور آرٽسٽ انجيئر قاضي خضر حيات 75 ورھين جي ڄمار ۾ ڪجھ عرصو عليل رھڻ کانپوءِ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آھي مرحوم کي نوابشاھ قاضي احمد روڊ تي واقع قديمي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو جنازي نماز ۾ سنڌ جي نامور دانشورن، اديبن، شاعرن، صحافين تاج جويو، منور ابڙو، ڪوڙل قُربدار، رضا ڏاھري، پروانو سومرو، معشوق ڌاريجو، اسد ڪيريو، امداد رند، بخشل باغي، ستار سندر، سڪرنڊ جي صحافين قاضي جاويد ثنائي، مسعود عمراڻي، قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي ۽ بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي جي استادن ۽ عملي سميت قاضي خضر حيات جي ڀائٽي نامور شاعر ۽ ريڊيو ٽي وي ڪمپيئر ياصر قاضي سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي قاضي خضر حيات 12 اپريل 1945 تي لاڙڪاڻي لڳ رتو ديرو ۾ سنڌ جي نامياري علمي ادبي ۽ تعليمي شخصيت قاضي عبدالحي جي گھر ۾ جنم ورتو سندس ٽي ننڍا ڀائر سنڌي ٻولي جو انتھائي دل آويز رومانوي ۽ تخليقي شاعر مرحوم مقصوم گل، اديب مرحوم اختر حيات گل ۽ نامور شاعر ۽ آرٽسٽ ڊاڪٽر قاضي منظر حيات سندس ننڍا ڀائر ھئا قاضي خضر حيات، مھراڻ يونيورسٽي ڄام شورو مان انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي جنھن بعد مختلف مادر علمين ۾ استاد رھڻ سان گڏو گڏ قائد عوام يونيورسٽي نوابشاھ ۽ شھيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي نوابشاھ ۾ پراجڪيٽ ڊائريڪٽر طور فرض انجام ڏنا قاضي خضر حيات سنڌ جو پھريون پڙھيو لکيو ڪاشي جھڙي نازڪ ميڊيم تي تصوير ڪشي ڪندڙ آرٽسٽ ھُيو ھُن دنيا جي عظيم ھيروز نيلسن منڊيلا، ياصر عرفات، چي گويرا، مڌر ٽريسا، ليڊي ڊائنا، سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد راڻي بينظير ڀٽو، شيخ اياز، امر جليل سميت ڪيترن ئي ملڪي ۽ بين الاقوامي شخصيتن جا ڪاشي تي پوٽريٽ ٺاھيا سندس نوابشاھ جي ھائوسنگ سوسائٽي ۾ واقع سڪندر حيات آرٽ گيلري جو اڳوڻي وزير اعظم شھيد بينظير ڀٽو، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت لاتعداد ملڪي ۽ غير ملڪي شخصيتن دورو ڪيو قاضي خضر حيات پنھنجي ھٿن سان ٺاھيل بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري کي سندن پوٽريٽ تحفي طور پيش ڪيا سندس فن کي ملڪي توڙي بين الاقوامي آرٽ جي ادارن کان سواءِ نشرياتي ادارن ۾ وڏي پذيرائي ۽ مڃتا ڏني وئي قاضي خضر حيات ھڪ بھترين اديب پڻ ھُيو ڪجھ عرصو اڳ سندس آتم ڪٿا جو زبردست ڪتاب بہ “ جاڳيو مون جھان” شايع ٿيو سندس فرزند سنڌي ٻولي جي نامور شاعر پريتم قاضي پاران پنھنجي امڙ جي نالي سان پبلشنگ ھائوس پڻ قائم ڪيو آھي جنھن پاران نامور شاعرن جا ڪتاب شايع ٿيندا رھيا آھن مرحوم جو تڏو ھائوسنگ سوسائٽي ۾ سندس رھائش گاھ تي وڇايو ويو آھي ٻئي طرف نوابشاھ جي اديبن، شاعرن، صحافين پريس ڪلب جي صدر ذوالفقار خاصخيلي، نبي بخش بلوچ، فياض چنڊ ڪليري، مشرف علي ڀٽي، بخش علي جمالي، محمد صالح بلو، فدا حسين چانڊيو، امير چانڊيو، تاج رند، اڪرم چانڊيو، اسماعيل ڊومڪي، ڪامريڊ علي جان رند، منظور حسين سومرو، امتياز ڪيريو ۽ ٻين پاران پريتم قاضي سان سندس والد قاضي خضر حيات جي لاڏاڻي تي گھري ڏُک ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو ويو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.