ڀرياسٽي ويجهو ٻارڙو ارڙي وگهي فوت

ڀريا سٽي ( رپورٽ : مجيد ڪيريو ) ڀريا سٽي ويجهو 2 ورهين جو ٻار ڙو ارڙي  وگهي فوت گهر ۾ ڪهرام   متل ڪيترائي ٻار ارڙي ورتل صحت  کاتي جي ڪابه ٽيم ڳوٺاڻن وٽ نه پهتي۔  ڀرياسٽي  ڳوٺ دين محمد کرل واسي  2 سالن  جو معصوم نينگر  سميع ا لله پٽ ياسر کرل ارڙي وگهي فوت ٿي ويو ۔. معصوم نينگر سميع الله پٽ ياسر کرل جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو۔ معصوم نينگر جي والد ياسر کرل رابطو ڪرڻ تي  نينگر جو نواب شاهه ڪنڊيارو اسپتال مان۽ڪافي علاج ڪرايو پر بهتر نه ٿي سگهيو ۔ ڪيترائي ٻيا معصوم ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ ورتل آهن۔ ڳوٺ دين کرل سميت ٻين ڳوٺن ۾ صحت کاتي جي ڪابه ٽيم نه پهتي ۔ جڏهن ته ان سلسلي متاثر ڳوٺاڻن چيو ته خدارا ڳوٺن ۾ ارڙي جي مرض کي قابو ڪري انساني جانيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.