ريلوي پوليس اهلڪار جا قاتل گرفتار ڪيو، نوابشاهه ۾احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) 12ڏينهن اڳ ٽنڊوآدم جي خدا آباد ريلوي ڦاٽڪ تي ڊيوٽي دوران مبينه طور قتل ٿيل ريلوي پوليس اھلڪار جي قاتلن جي گرفتاري  لاءِ سڪرنڊ جي ڳوٺ مُڏي لاشاري جي رھواسي قربان علي لاشاري جي پيرسن امڙ پناھه خاتون، گھر واري خالدہ، سندس نوجوان پٽ ضمير لاشاري ۽ ٻين گھر ڀاتين سان گڏ نوابشاھه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته منھنجو پٽ قربان علي لاشاري جيڪو 12ڏينهن اڳ خوشيءَ سان گھران ڊيوٽي تي موڪلائي ويو ھو جڏهن ته ان جي دماغ ۾ گولي لڳل لاش اسان کي ٽنڊوآدم اسپتال مان مليو آھي، ھن چيو ته حد جي پوليس منھنجي پٽ جي قتل کي خودڪشيءَ جو رنگ ڏئي خون لوڙهڻ چاھي ٿي جيڪا اسان سان زيادتي آھي، ھن چيو ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا دشمني ناھي جڏھن ته منھنجي پٽ کي 5 جولائي 2021 تي ڊيوٽي دوران ڪجھه نامعلوم ھٿياربندن گولي ھڻي قتل ڪيو آھي ليڪن پوليس انھن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري رھي آھي، ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منھنجي پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ۽ اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.