سعودي عرب ۾ هلندڙ سال وڌيڪ 22 سئنيما گهر کوليا ويندا

جده (م ڊ) سعودي عرب ۾ معياري زندگي مرڪز جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر خالد البڪر چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال  وڌيڪ 22 سينيما گهر کوليا ويندا. سعودي اخبار مطابق جده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو آهي ته سعودي عرب ۾ سينما مارڪيٽ جو ڳاڻيٽو وچين اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هتي 5 ڪمپنيون سينما گهر هلائي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال وڌيڪ 22 نئين سينيما گهر کوليا ويندا.

ڪينيڊيئن وزيراعظم  پاران سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان

اوٽاوا (م ڊ ) ڪينيڊا جو وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پرڏيهي مسافرن تي لاڳو ڪيل سفري پابنديون مشروط طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪينڊين سڌ ماءَ جي ذريعن مطابق وزيراعظم سفري پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته هلندڙ سال سيٽپمبر جي مهيني سان ان مسافرن کي ڪينيڊا ۾ داخلي جي اجازت هوندي جنهن ڪورونا ويڪسين جي ٻئي خوراڪون ورتيون آهن.

جرمني مهاجرين جي پاليسي کي جاري رکي: گڏيل قومون

گڏيل قومون (م ڊ) گڏيل قومن جي مهاجرين بابت هاءِ ڪمشنر فيلپو گرانڊي جرمني کان مطالبو ڪيو آهي ته هلندڙ سال سيپٽمبر  ۾ ٿيندڙ وفاقي پارلياماني چونڊن کان پوءِ به جرمن چانسلر انجيلا مرڪل جي پاليسي جاري رکي وڃي. هن جرمن خابرو اداري ڊي پي اي سان ڳالهائيندي چيو ته مهاجرين کي پناهه فراهم ڪندڙ ۽ انهن جي انضمام ۾ جرمني هڪ مثالي ملڪ آهي، هن مطابق پناهگيرن جي حوالي سان جرمني جو يورپ جي ٻين ملڪن سان قائداڻو ڪردار هئڻ گهرجي.

مسجد الحرام جي هر حصي جي سينيٽائزنگ، دروازن تي ٿرمل ڪيمرا نصب

مڪو شريف (م ڊ) مسجد الحرام ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي حفاظتي قدم کيا ويا آهن. العربيه نيوز  مطابق مقدس مسجد انتظاميه ٻڌايو ته مسجد الحرام جي ڇت، فرش ۽ سڄي ماحول کي سينيٽائز ڪرڻ لاءِ 450 کان وڌيڪ سينيٽائزنگ پمپ ۽ 30 کان وڌيڪ مشينن جو انتظام ڪيو ويو آهي. مسجد الحرام جي هر حصي کي سينيٽائزنگ ڪيو پيون وڃي. انتظاميه چيو آهي ته مسجد الحرام جي سمورن دروازن تي 70 کان وڌيڪ ٿرمل ڪيمرا ڪيا ويا آهن. ٽيسٽنگ دوران سماجي فاصلو برقرار رکڻ لاءِ ماهرن مسجد الحرام جي هر حصي ۾ ٽريڪ ٺاهيا آهن.

طالبان افغان حڪومت جي اهم شخصيت کي ماري وڌو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي مختلف ضلعن ۾ فورسز ۽ طالبان ۾ جهڙپون جاري آهن ۽ تازين جهڙپن ۾ ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان مارجي ويو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪاپيسا جو ڊپٽي گورنر عزيز الرحمان تواب گذريل ڏينهن نجراب ضلعي ۾ طالبان جي حملي ۾ مارجي ويو. افغان ميڊيا جو چوڻ آهي ته بگرام ضلعي ۾ افغان ايئر فورس جو پائلٽ به فائرنگ ۾ مارجي ويو آهي. هوڏانهن پروان صوبي جي گورنر دعويٰ ڪئي آهي ته فورسز شيخ علي ضلعي جو ڳوٺ طالبان جي قبضي مان ڇڏائي ورتو آهي پر ضلعي جي ڀرپاسي ۾ جهڙپون جاري آهن. افغان ميڊيا موجب گذريل ڏينهن افغان فورسز سيغان، ڪهمرد ۽ چخانسور ضلعن تان طالبان جو قبضو ڇڏايو هو.

جرمني ۾ ٻوڏ، فوتين جو انگ 133 ٿي ويو، سوين اڃا گم

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمنيءَ ۾ تيز برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ 133 تي پهچي ويو، جڏهن ته ڪيترائي اڃا  گم آهن. اولهه جرمني جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ريسڪيو ورڪرز طرفان اڄ ڇنڇر ڏينهن به بچي ويلن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي. انهن طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب جرمني جا ٻه اولهه صوبا رائن لينڊ پلاٽينيٽ ۽ نارٿ رائن ويسٽ فيليا سڀ کان متاثر ٿيا آهن. پوليس موجب فوتين مان 90 جو واسطو ڪولون شهر جي ڏکڻ ۾ موجود آهروائلر ضلعي سان هو، جڏهن ته سوين ماڻهو اڃا تائين گم آهن. هوڏانهن اولهه جرمني جي ڪجهه شهرن جي گهرن ۾ اڄ به پاڻي جي سطح بلند رهڻ جا اطلاع آهن ۽ ٻوڏ وهڪرن سبب وڌيڪ گهر پَٽ پئجي ويا آهن.

آمريڪي رياست اوريگون جي ٻيلن ۾ باهه شدت اختيار ڪري وئي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست اوريگون جي ٻيلن ۾ لڳل باهه شدت اختيار ڪري وئي، جنهن سبب فائر فائٽرز کي سخت  ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. اوريگون جي ڏاکڻي علائقن ۾ بوٽليگ نالي سان مشهور ٻيلن ۾ لڳل اها باهه 24 هزار هيڪٽر کان وڌيڪ ايراضي تي پکڙجي چڪي آهي، اها ايراضي نيو يارڪ شهر جي برابر ٿئي ٿي. واضح رهي ته موسميات کاتي طرفان هلندڙ هفتي جي آخر ۾ ان علائقي ۾ سخت گرمي جي هڪ ٻي لهر جي به اڳڪٿي ڪيل آهي، اها جون مهيني کان گرميءَ جي چوٿين لهر هوندي.

بشارالاسد چوٿون ڀيرو صدارتي عهدي جو حلف کڻي ورتو

دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي صدر بشارالاسد چوٿون ڀيرو صدارتي عهدي جو حلف کڻي ورتو. حلف برداري تقريب ملڪي تخت  گاهه دمشق جي صدارتي محل ۾ ٿي، جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن، سياسي ۽ مذهبي شخصيتن سان گڏوگڏ فوجي اهلڪارن شرڪت ڪئي. بشارالاسد 2000 کان شام ۾ صدارتي عهدي تي ويٺل آهي. اولهه ملڪن ۽ اسد جي سياسي مخالفن مئي ۾ ٿيندڙ چونڊن کي ناجائز ۽ شرمناڪ قرار ڏنو هو. گڏيل قومن جي اندازن موجب 80 سيڪڙو کان وڌيڪ شامي شهري غربت جي هيٺين ترين سطح جي زندگي گهاري رهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.