آمريڪا، ترڪي کي فوجون ڪڍڻ کان ڇو ٿو روڪي؟

تحرير: خدا بخش بروھي 

دوها معاھدي تحت جتي سڄي نيٽو فورسز جون 11 سيپمبر تائين افغانسان مان نڪري وڃڻ جون طالبان ۽ امريڪي اختيارين  صحيحون ڪري ڇڏيون ھيون اتي بائيڊن سرڪار  650 امريڪي فوجي امريڪي سفارت خاني تي تعينات ڪرڻ جو اعلان ڪيو  آھي پر اتي ترڪي تي نيٽو اتحادي ھجڻ جي ناتي دٻاءُ  وڌو ويو آھي ته اھو ڪابل ايئر بيس جي حفاظت لاءِ فوج بيھاري جيئن طالبان ان ايئر پورٽ تي قبضو  ڪري نه سگھن، جنهن تي طالبان ليڊر شپ ڪاوڙجي وئي آھي ۽ ترڪي صدر کي خط لکي ياد ڏياريو آھي ته سندس فيصلو دوها معاھدي جي ڀڃڪڙي آھي اسان به نٿا چاھيون ته ھڪ مسلمان ملڪ سان جنگ جوٽيون ڇوته اھو طالبان جي بقول ته  سندن منشور  جي خلاف  آھي پر جي ترڪيءَ فوجون نه ھٽايون ته اسان ايڪشن کڻنداسين ۽ ترڪي جو نه چاھيندي وڏو نقصان ڪري ڇڏينداسين ۽ ان سڄي نقصان جو ذميوار ترڪ انتظاميه ھوندي، ان حوالي ۾ طالبان ليڊر شپ ترڪي ۽ طالبان جي وچ ۾  ھلندڙ اعتراضن کي ختم ڪرڻ لاءِ طيب اردگان جي ويجھي دوست اڳوڻي مجاھد گل بدين حڪمتيار کي ذميواري سونپي وئي آھي ته اھو وڃي اردگان سان ڳالھائي کيس قائل ڪري جيئن ترڪي پنھنجو فيصلو واپس وٺي.

اھا ٿي ترڪي ۽ طالبان جي وچ ۾ ھلندڙ معاملي جي ڳالهھ ٻئي پاسي اھو به ڏسڻو آھي  آخر امريڪا ڇا لاءِ ترڪي تي فوجون نه ھٽائڻ لاءِ دٻاءُ وجھي ٿو جڏھن ته معاھدي تحت ايئن ناھي ڪرڻو ۽ ترڪي به مجبور آھي جيڪڏھن فوجون ھٽائيندو ته سندس نيٽو ميمبر شپ داءُ تي لڳي سگھي ٿي ان  ڪري اھو به نه چاھيندي ڪنھن حد تائين بيھاري ويٺو آھي  پر اتي بائيڊن سرڪار ان جا ٻه فائدا وٺڻ چاھي ٿي  ھڪ ته ترڪ حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ھڪ نئون تڪرار  دائمي طور تي جنم وٺي ٻيو ترڪ فوجن جا لاش ترڪي وڃن اتي روشن خيالن پاران انقره ۾ ڇڪتاڻ ٿين ۽ ايندڙ چونڊن ۾ طيب اردگان کي ھارائي گھر ڀيڙو ڪجي ۽ اتي ڪو نئون سيٽ اپ اچي جيڪو صحيح امريڪي پيروي ڪري، پر جيڪڏھن ترڪي جي موجودگي ۽ اتي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ڏي وينداسين نه فقط ترڪي اتي دلي طرح رھڻ. نه چاھيندو ھوندو نه انکي ڪا فتح حاصل ڪرڻ جي اميد آھي اھا ڳالھه  امريڪي اختياريون به  ڀلي ڀت سمجھن ٿيون ته جتي لکن جي تعداد ۾ نيٽو فوجون  20 سالن تائين ڪاميابي  ماڻي نه سگھيون  اتي ڪجھه  فوجي ڇا ڪري سگھندا پر ھن کي مڙيئي ترڪي کي ڦاسائڻو آھي، ڪابل ايئرپورٽ جي ڪھڙي اھميت آھي اھا ھڪ الڳ ڳالھه آھي پر بگرام ايئر بيس کي ته امريڪا سندس اتحادي فوجون رات پيٽ ۾ خالي ڪري  نڪري ايئن ڀڳيون جو انھيءَ تڙ  تڪڙ ۾ ڪيتروئي سارو ھٿيار بارود ڇڏي ويا جيڪي بعد ۾ طالبان جي ھٿ چڙھي ويا انھن ھٿيارن کي جڏھن غير ملڪي ميڊيا ڏيکاريو ته اتي امريڪا جي ڏاڍي بدنامي ٿي ايستائين ھتان کان واپس ويندڙ ايئر فورس جي ھڪ آفيسر بائيڊن کي چيو عراق ۽ افغانستان ۾ امريڪا جا فوجي مئا ۽ پئسا خرچ ٿيا اھو سڀ ڪجهھ فضول ھو، سياسي حڪومت جو اھو فيصلو غلط ھو، ھي  امريڪا جي   ويٽنام، ڪيوبا کان پوءِ جي وڏي خواري ٿي آھي، ٻئي پاسي طيب اردگان به اھو قطعي نه چاھيندو ھوندو جو ان جنگ جو حصو بنجي جتي  امريڪا سپر پاور ۽ پلس تقريبن  29 نيٽو اتحادي فوجون ڪامياب نه ٿيون. بھرحال امريڪا کي  ان سان ڪوبه سروڪار ناھي ھاو طيب اردگان جي اسلامي ملڪن طرف لاڙي ۽ اصلاحي  قدم   کان خوفزده آھي تنھنڪري ھو طيب کي ھارائي اتي سيڪيولر حڪومت آڻڻ چاھي ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.