اعليٰ پائي جا سياستدان پيدا ٿيڻ بند ڇو ٿي ويا؟

تحرير: زلف پيرزادو

اڄ ملڪي سياسي افق تي نظر ڊوڙائبي ته معلوم ٿيندو ته جيئن عام ماڻهو غربت جو شڪارآهي ساڳي طرح سياست به انتهائي غربت جو شڪار آهي. ڇو ته اڄ ذوالفقار علي ڀٽو، نوابزده نصر الله خان، معراج محمد خان، معراج خالد ۽ غوث بخش بزنجي جهڙي قد ڪاٺ ۽ ذهن جو سياستدان نظرئي نه ٿو اچي اڃا به وڏي قد ڪاٺ وارا کوڙ سياستدان هئا جن جا نالا لکجن ته پنا ڀرجي ويندا. هي اهي سياستدان آهن، جن پارلياماني سياست ڪئي. اڄ پارلياماني سياست ڪندڙ پارٽين تي نظر ڦيرائجي ته ذڪر ڪيل سياستدانن جي قد ڪاٺ ۽ ذهن وارو سياستدان اڻ لڀ ٿي ويو آهي. اڪيچار نالا بچيا آهن جيڪي به غير سياسي ٿي ويل سماج ۾ غائب آهن. ساڳي غربت ۽ مسڪيني نظرياتي سياست ۾ به نظر اچي رهي آهي.

هن وقت کاٻي ڌر ڪنهن منظم شڪل ۾ موجود ئي نه آهي. بس ٽولين ٽولين جي شڪل ۾ ڪجهه دوست ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ پورهيت دوست هجڻ جي دعويٰ ڪندي سرگرميون ڪري رهيا آهن، پر ماضي جهڙي مضبوط ڪميونسٽ پارٽي نه آهي. نه ئي ڪامريڊ امام علي نازش، سوڀي گيانچنداڻي، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شهيد نذير عباسي ۽ ڄام ساقي جي قدڪاٺ جو ڪو انقلابي نظر اچي ٿو. هن لکڻ جو مطلب انهن دوستن جي دل آزاري ڪرڻ نه آهي جيڪي بهرحال پنهنجي وت ست آهر سرگرميون ڪري رهيا آهن ۽ کاٻي ڌر کي منظم ڪرڻ لاءِ پتوڙي رهيا آهن.

حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته اڄ رسول بخش پليجي جهڙي ڏاهي، دانشور، نقاد ۽ سياستدان جي سطح جو ڪو ڏاهو به نظر نه ٿو اچي، سائين جي ايم سيد جهڙو عالم قومپرست، ابراهيم جويي ۽ سائين عطا محمد ڀنڀري جي سطح جو ڪو ڏاهو ۽ عالم به به نظر نه ٿو اچي.

مطلب ته پارلياماني سياست توڙي نظرياتي سياست ۽ ترقي پسند ادب اڄ قيادت ۽ ڏاهپ جي جنهن کوٽ ۽ غربت جو شڪار آهي ان جو ظاهر آهي ته سماج تي ناڪاري اثر پئجي رهيو آهي ۽ پڙهيو لکيو نوجوان ويڳاڻپ جو شڪار آهي. پورهيت ۽ هاري يتيمي واري زندگي گذاري رهيو آهي ڇو ته سندن واهر ڪرڻ ۽ سندن  حقن جي حفاظت ڪرڻ واري نه قيادت آهي نه ئي ڪا پارٽي آهي. تڏهن ئي ته ملڪ رياض جهڙا سرمائيدار بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي پنهنجي نمائنده سياسي پارٽين ذريعي حصو پتي ڏئي ملڪ ڀيلي رهيا آهن. اسٽيل ملز، پي آءِ اي، ريلوي مطلب ته هر هنڌ مزدور بيروزگاري، بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهن.

آخر اهڙو ڪجهه ڇا ٿيو جو اعليٰ پائي جا سياستدان پيدا ٿيڻ بند ٿي ويا؟ منهنجي نظر ۾ ان جو وڏو ڪارڻ درسگاهن ۾ شاگرد يونينن تي بندش مڙهي سيڪيورٽي فورسز مقرر ڪري درسگاهن کي ڇانوڻين ۾ تبديل ڪرڻ آهي. منهنجي موقف سان ڪو به دوست ساٿي توڙي ڪامريڊ اختلاف ڪري سگهي ٿو پر منهنجي خيال ۾ تاريخ پڙهبي ته خبر پوندي ته سياستدان دانشور ۽ ڏاها شاگرد يونينن ذريعي ئي پيدا ٿيا آهن. اڃا به کڻي ايئن چئجي ته يونيورسٽيون سياستدان پيدا ڪرڻ جون فيڪٽريون هونديون آهن پر جڏهن اهي ڇانوڻين ۾ تبديل ٿي وڃن ته پيداوار رڪجي وڃڻ فطري عمل آهي. شاگرد صبح جو جڏهن گهران تيار ٿي پڙهڻ لاءِ ڪاليج يا يونيورسٽي جي گِيٽ تي پهچي ٿو ته ان کي اڳ باوردي بندوق بردار جوان نظر اچن ٿا ۽ هو هيسجي وڃي ٿو ۽ جوانن کي اورانگهي اڳتي وڌي ٿو، سوچي ٿو ته آخر شاگردن کي يونيورسٽي ۾ ڪنهن کان اهڙو خطرو آهي جو هي جوان سندن حفاظت لاءِ بيٺل آهن ڇا شاگردن کي استادن مان ڪو خطرو آهي؟ يا ڪي دهشت گرد هتي پڙهي رهيا آهن جن مان حملي جو خطرو آهي؟ يا ڪي آپگهاتي بمبار يونيورسٽين ۾ موجود آهن جن مان کين خطرو آهي. هاڻي اهڙي ماحول ۾ شاگردن جي ذهنن تي ڪهڙا نفسياتي اثر پوندا هوندا ان بابت ته نفسياتي ماهرئي ٻڌائي سگهن ٿا پر هڪ عام سياسي شاگرد جي حيثيت سان آءٌ سمجهان ٿو ته جتي شاگرد عملي طور قيدي هجي، سندس چرپر تي ڪرڙي نظر هجي اتي ته هو آزاديءَ سان ٿڌو ساهه به کڻي نٿو سگهي ڪو امن جو گيت جهونگارڻ تي دل چوندي تڏهن به جوانن جي دهشت خاموش رهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي، ڪو شاگرد امن جو نعرو هڻڻ چاهيندو ته سندس ذهن تي بندوق ڀوئنڪڻ جو خوف ڇانئجي ويندو. وري باوردي جوانن جا شاگردن جي روپ ۾ موجود خابرو ۽ ڇاڙتا شاگردن لاءِ الڳ مٿي جو سور آهن معنيٰ شاگرد هڪ ٻئي سان مختلف موضوعن ۽ سياسي نظرين تي ڳالهائي به نه ٿا سگهن. اهو الميو ته اڃا الڳ آهي ته شاگردن کي نصاب ڪهڙو ٿو پڙهايو وڃي، ان بابت ته ڪي تعليمدان ئي باقي دنيا ۾ پڙهائجندڙ نصابن ۽ پنهنجي نصاب جو تقابلي جائزو وٺي ٻڌائي سگهن ٿا ته اسان جو نصاب ڪيترو مدي خارج ۽ دنيا جي نصابن کان ڪيترو پٺتي آهي!

مونکي ته مختلف يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي ايندڙ نوجوانن سان ملي محسوس ٿيندو آهي ته هو رڳو زندگيءَ جا 5 کان ست سال يونيورسٽي ويندو رهيو آهي ۽ مدو پورو ٿيڻ تي ڊگري وٺي هاڻي روزگار لاءِ ڀٽڪي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سياست سميت هر شعبي ۾ اهل ماڻهن جو ڪالُ آهي. اڳ به لکيو هو ۽ هاڻي به منهنجو موقف آهي ته هن وقت حقيقي ترقي پسند ۽ سوشلسٽ نظرئي واري کاٻي ڌر جي اشد ضرورت آهي. ان ڪري اهي دوست جيڪي ٽولين ٽولين جي شڪل ۾ سرگرميون ڪري رهياآهن اهي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿين ۽ اول ته شاگردن يونين جي بحاليءَ لاءِ سگهاري جدوجهد ڪن ان سان گڏ نوجوانن جي نظرياتي تربيت ڪن جيئن سياسي ميدان ۾ جيڪو خلا پيدا ٿيو آهي ان کي ڀري سگهجي ۽ پوءِ اڳتي وڌندي پورهيتن، هارين ۽ عورتن جي حقن لاءِ منظم تحريڪ شروع ڪري سگهجي اها تاريخ جي گهرج آهي.

ڇو ته دنيا جي انقلاب جي تاريخ پڙهجي ٿي ته انهن تحريڪن ۾ شاگردن جو مهڙ واري دستي وارو ڪردار رهيو آهي. اهڙو تاريخي مثال اسان وٽ 4 مارچ واري شاگرد جدوجهد جو موجود آهي. يا تازو شاگردن متحد ٿي سنڌ يونيورسٽي ۾ وڌايل فيس خلاف ڪيل ڪامياب جدوجهد به هڪڙو ننڍڙو مثال آهي. ان ڪري ترقي پسند، انقلابي ۽ جمهوري ذهن پيدا ڪرڻ لاءِ درسگاهن کي سيڪيورٽي ادارن کان آجو ڪرائي شاگرد يونينن جي بحاليءَ لاءِ هڪدم منظم جدوجهد ڪرڻي پوندي تڏهن ئي اعليٰ پائي جا سياستدان، ڏاها ۽ مفڪر پيدا ٿي سگهندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.