قاضي خظر حيات جي موڪلاڻي!

تحرير:

هڪ ئي وقت انجنيئر ، چترڪار ، ليکڪ ، استاد ، مصور ۽ سڪندر آرٽ گئلري جي بانيڪار قاضي خضر حيات، زندگيءَ جون 75 بهارون يعني مُني صدي ماڻي پنهنجي ڪردار کي هرک جي اڇي ڪپڙي جيان اجرو رکي خالق ڪائنات پاران مليل عظيم نعمت زندگي کي پورو ڪري دارالفناءَ کان دارالبقاءَ ڏانهن راهي ٿيو، قاضي خضر حيات جو خاندان به هڪ الڳ تاريخ ۽ سڃاڻپ رکي ٿو.

قاضي خضر حيات جيڪو سائين قاضي عبدالحي قائل سرشاري جو وڏو فرزند، پريتم قاضي جو والد صاحب، قاضي مقصود گل، ڊاڪٽر قاضي منظر حيات جو وڏو ڀاءُ، ياسر قاضي، ناصر قاضي جو چاچو پڻ هو، جڏھن قاضي صاحب جي عمر جون 75 بهارون پوريون ٿيون ته سندس فرزند پريتم قاضي مونکي فون ڪري چيو ته اچو ته، ڪچهري به ڪيون ، بابا جي جنم ڏينهن جو ڪيڪ به ڪٽيون ۽ بابا سائين جن پنهنجي سموري زندگي جيڪا هيسيتائين گهاري اٿئين ان بابت ڪتاب به لکيو اٿئين “ جهاڳيو مون جهان “ ان تي ڪجھه ڳالهيون ڪيون، ايئن مان پنهنجي صحافي دوست مسعود عمراڻي جيڪو پريم قاضي جو پڻ دوست آهي ساڻ ڪري قاضي هائوس نوابشاھ پهتس جتي ڪورونا وائرس سبب سماجي وٿيءَ ڪري رڳو هڪٻئي کي پري کان کلي کيڪاريوسين ان بعد سائين قاضي خضر حيات جي جنم جي خوشيءَ ۾ اسان چئن ڄڻن ڪيڪ ڪٽي هڪٻئي کي کارايو، ڪيڪ کائي جڏھن واندا ٿياسين ته ڪچهري شروع ٿي ڪچهريءَ دوران ئي مون سائين جو سندن زندگيءَ ۽ لکيل ڪتاب بابت تفصيلي انٽرويو پڻ ڪيو جنهن ۾ قاضي خضر حيات ٻڌايو هو ته زندگيءَ جي 75 بهارن ۾ گهڻو ڪجهھ تجربو ٿيو جنهن ۾ الله سائين جون مهربانيون شامل حال رهيون پنهنجي آتم ڪٿا تي لکيل ڪتاب “ جهاڳيو مون جهان“ جيون ڪٿا ۾ ٻالڪپڻي کان وٺي، اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ ۾ شاگرديءَ وارو زمانو، ننڍپڻ کان وٺي آرٽ سان لڳاءُ، تقرير ڪرڻ جي مهارت کان وٺي يونيورسٽيءَ جي زماني ۾ ون يونٽ جي ڪٺور ۽ ظالم قانون تائين، شاگرديءَ جي زماني ۾ شهيد وزيراعظم ذوالفقار علي ڀُٽي سان چاهت، اُنسيت ۽ ويجهڙائيءَ سان گڏ سندس ڪردار کان ولوله انگيز طور تي متاثر هجڻ ۽ ان جي شخصي خاڪي تائين، ٽئين اهم ۽ مثبت سنڌ جي اعليٰ ڪردار  سنڌ جي جان ڊاڪٽر عبدالقدير خان افغان جي ڪم، ڪردار ۽ شخصي خاڪي تائين، 1971ع واري جنگ جي هيبتناڪ احساسن تائين، اسٽيل مل جي ابتدائي ڪم کان وٺي، چيني انجنيئرن سان گڏ لاڙڪاڻي (نئون ديرو) شگر مل ٺهڻ تائين، پاڪ سعودي فرٽيلائيزر مل (ميرپور ماٿيلو) جي اڏاوت ۽ شهيد ڀُٽي جي شهادت ۽ مل جي مالڪن جي سنڌي ملازمن سان وحشي رويي تائين، مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج نواب شاهه جي تعمير ڪرائڻ کان وٺي قائدِ عوام يونيورسٽي ٺهڻ تائين، يونيورسٽيءَ ۾ چوويهن سالن جي نوڪري کان پوءِ کيس نان ڪنفرم ملازم ڄاڻي تڪليف ڏيڻ تائين جو احوال شامل آهي خير اهو سانڍڻ جهڙو ڪتاب “ جهاڳيو مون  جهان “ نيٺ ڇپجي اچي ويو.

اڄ سائين خضر حيات اسان کان هميشه لاءِ موڪلائي ويو آهي پر سندس ساروڻيون ورهين تائين ياد رهنديون.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.