حيدرآباد ۾ زال کي قتل ڪندڙ جوابدار جي رمانڊ

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ زال کي مبينا قتل ڪندڙ جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، 5 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي. حيدرآباد  جي ايريگيشن ڪالوني ۾ زال عيني بلوچ کي مبينا تشدد ڪري قتل ڪندڙ جوابدار عمر ميمڻ کي بلديا پوليس نائنٿ جوڊيشل مئجسٽريٽ منظور علي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ۾ جوابدار جا وڪيل پڻ پيش ٿيا. ان موقعي تي پوليس عدالت کي جوابدار جي رمارنڊ جي استدعا ڪئي، جنهن بعد عدالت جاچ آفيسر کي صحيح نموني سان انڪوائري ڪرڻ جو حڪم ڏيندي جوابدار کي 22 جولاءِ تائين رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضع حيدرآباد جي ايريگيشن ڪالوني ۾ 3 ڏينهن اڳ جوابدار عمر ميمڻ پنھنجي زال قرت العين کي مبينا تشدد ڪري قتل ڪيو ھو، گذريل ڏينھن مقتولا ناري جي ڀاءُ اسد الله بلديا ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ھو، ڪيس ۾ فريادي اسد الله ڄاڻايو ھو ته ڀيڻيوو عمر ميمڻ ڀيڻ تي تشدد ڪندو رهندو هو، جڏهن ته پوليس پڻ شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ عورت جو موت تشدد سبب ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي، هوڏانهن جوابدار جي وڪيلن جو چوڻ هو ته عورت سلپ ٿي ڪري پئي، جنھن ڪري ان کي ڌڪ لڳو، زال جي جان بچائڻ لاءِ سندس مڙس اسپتال کڻائي ويو، پوليس جوابدار کي اسپتال مان گرفتار ڪيو، هنن الزام  هنيو ته ٻارن تي دٻاء وجهي بيان ڏياريا پيا وڃن، ٻار مامن وٽ آھن، جوابدار جي سموري ملڪيت فوتي عورت جي نالي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.