سکر پوليس جي ڪاروائي، ڦر واقعي جا جوابدار گرفتار

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) سکر پوليس پاران هڪ هفتو اڳ سکر جي علائقي بندر روڊ تي قائم لمڪا سينٽر ٿيل ڦر واري واردات ۾ ملوث چئن  ئي جوابدارن ڪٽو خروس، حوت، عبدالله ۽ عبدالرحمان کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان اسلحو هٿ ڪري ورتو آهي، پوليس موجب گرفتار جوابدار بندر روڊ تي قائم لمڪا سينٽر سميت ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث هئا ۽ هو ڪجهه ڏينهن اڳ سکر پوليس پاران پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل انعام يافتا ڌاڙيلن هزارو ۽ ڀورو خروس جا ويجھا ساٿي آهن، جڏهن ته ايس ايس پي سکر پاران ڪامياب ڪاروائي تي سکر پوليس کي شاباشي ڏيندي انعام جو اعلان ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.