ٽنڊي آدم ۾ بدامني جي باهه، 36 ڪلاڪن ۾ 8 وارداتون

ٽنڊوآدم ( ن ع آ ) ٽنڊوآدم ۾ بدامنيءَ تي ضابطو نه آيو 36 ڪلاڪن ۾ ڦر ۽ چوريءَ جا 8 واقعا ، چور 3 موٽر سائيڪلون ، روڪ رقم ، موبائل فون ۽ ٻيو سامان ڦري ويا پوليس  ننڊ ۾ ستل ، شهرين جون ننڊون حرام رپورٽ  موجب ٽنڊوآدم ۾ بدامني تي ضابطو نه آيو گذريل 36 ڪلاڪن دوران ڦر ۽ چوريءَ جا 8 واقعا پيش آيا آهن جن ۾ سبزي منڊي وٽان چاٻي چور محبت مڱڻهار ، نادرا آفيس وٽان گيان چند ڀيل ۽ حيدرآباد روڊ تان نديم خان  جون موٽر سائيڪلون چوري ڪري ويا جڏهن ته ڦورن شهر جي مشهور باڊي بلڊر استاد بابو کي يرغمال بڻائي 50 هزار روڪ ، موبائل فون ۽ ڪاغذات ڦر ڪري فرار ٿي ويا ساڳئي ريت طور ڪالوني مان چور روڊس کاتي جي ڪلارڪ ساجن وساڻ جي گهران 5 هزار ۽ موبائل فون، ساڳئي ڪالوني مان عديل ٻگهيو جي گهران چور الھ تلھ ٻهاري ويا جڏهن ته چور فراز ٽائون مان خورشيد شيخ جي گهران سولر پليٽون ، بيٽري ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا واقعن بابت سٽي ٿاڻي تي رکيل ڪچي رجسٽر ۾ داخلائون ڪيون ويون آهن جڏهن ته پوليس بدامني کي ٻنجو ڏيڻ بجاءِ ننڊ ۾ ستل آهي ۽ شهرين جو ننڊون حرام ٿي ويون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.