بڊاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ احتجاج

بڊاڻي (ن ع آ)  بڊاڻي شهر ۾ سياسي سماجي اڳواڻن جو 10 ڏينهن اڳ کنڀي گم ٿيل بچل بڊاڻي جي بازيابي لاءِ المرتضي چوڪ کان پريس  ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ سيد دانش شاه ايس يو پي اڳواڻ ڪامريڊ مظھر چاچڙ ۽ عمران بڊاڻي ڪئي ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 10 ڏينهن اڳ اسان جو نوجوان بچل بڊاڻي کي ڪشمور مان کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن ڪري نوجوان جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آھي هنن چيو ته نوجوانن جو ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪو به واسطو ناهي اسين انساني حقن جي تنظيمن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ڪيون ٿا ته فورن نوٽيس وٺي بچل بڊاڻي کي آزاد ڪرايو وڃي ته جيئين گهر وارن جي بيچئني ختم ٿي سگهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.