خيرپور ۾ گندي پاڻيءَ مان جنازو کنيو ويو، ڪانڌين جا ڪپڙا گندا

خيرپور (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور شھر ۾ ميونسپل ڪميٽي جي آفيسرن جي نااهلي سبب شھري گٽرن جي گندي پاڻي مان جنازو کڻڻ تي مجبور آهن، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب خيرپور جي شھري ان وقت  پريشان ٿي ويا جڏھن اوستوگاھي پاڙي خيرپور۾ ڏيٿا برادري جي عورت فوت ٿي وئي جنھن جي جنازي نماز پڙهڻ لاءِ شھري ۽ وارث گھٽي مان گذرڻ لڳا ته گھٽي ۾ نالين جو گندو پاڻي بيٺل ھو جنھن سبب شھري مجبور ٿي گندي پاڻي مان جنازو کڻي گذريا ۽ جنازي نماز پڙهڻ کان اڳ سندن ڪپڙا خراب ٿي ويا جنهن بعد شھرين جنازي نماز کان اڳ ڪپڙا ڌوتا ۽ بعد ۾ جنازي نماز ادا ڪري مڙھ کي اباڻي قبرستان۾ دفنايو ويو ۽ ٻيھر شھري جڏنهن دعا گھرڻ لاءِ واپس پھتا ته وري به ڪپڙا خراب ٿي ويا.  ٻئي طرف خيرپور جي سماجي اڳواڻ نصير ڏيٿو، سليم شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو آهي ته ميونسپل ڪميٽي کي ھر مھيني ڪروڙين رپين جي بجيٽ ملي ٿي پر آفيسرن جي نااهلي سبب سڄو شھر گندگي جي ور چڙهي ويو آهي جنھن سبب سڄي شھر ۾ نالين جو گندو پاڻي بيٺل آهي ۽  شھري مسجدن تائين پاڪ صاف ٿي نه ٿا پهچي سگهن، نالين جو گندو پاڻي بيھڻ سبب شھري عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن ھنن مطالبو ڪيو ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ ھڙپ ڪندڙ آفيسرن خلاف انڪوائري ڪئي وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.