يوٽيلٽي اسٽورن جي سبسڊي مافيا کي ڏني وئي: شيري رحمان

اسلام آباد ( م ڊ ) پ پ جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته هاڻ غريب يوٽيلٽي اسٽور تان به خريداري نه ڪري سگهندا، پهريون ڀيرو  يوٽيلٽي اسٽورن جي سبسڊي غريبن بدران مافيا کي ڏني وئي آهي، هن چيو ته عيد کان اڳ رليف بدران عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرايو ويو آهي،  غريب کي مهانگائي ۽ اشرافيه کي ريليف سان نوازيو پيو وڃي، حڪومت کنڊ، ڪڻڪ ۽ تيل جي اگهن ۾ مجموعي طور 53 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي، هن چيو ته کنڊ ۽ تيل لاءِ يوٽيلٽي اسٽور تي قطار ۾ بيهڻو پوي ٿو ، يوٽيلٽي اسٽورن تان به هاڻ خريداري مشڪل ٿي وئي آهي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.