چونڊڪي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، پريالوءِ واسي مستري قتل، هڙتال

نارو( رپورٽ: عاشق حسين سهتو) نارا تعلقي سوراھ ٿاڻي جي حد چونڊڪو شھر جي مين بازار ۾ ٽرانسفارمرن ۽ موٽرن جو ڪم ڪندڙ پريالو واسي مستري 35 سالا مراد اوڍو جي دڪان مٿان نامعلوم موٽر سائيڪل سوار  ٿياربندن پاران شديد فائرنگ ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو جڏهن ته زخمي مسترئ کي شھرين چونڊڪو اسپتال پهچايو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو آھي واقعي بعد ٿاڻو چند ميٽرن جي فاصلي تي هئڻ باوجود به حد جي پوليس پنهنجي  روايت کي برقرار رکندي دير سان پهتي جنهن سبب هٿيار بند آساني سان فرار ٿي ويا آھن ۽ لاش پوسٽ مارٽم بعد اباڻو ڳوٺ پريالو منتقل ڪيو ويو آھي واقعي بعد واپارين ۽ مستري برادري پاران چونڊڪو شھر ۾مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آھي  ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آھي ته واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آھي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي جلد کان جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو ۽ واقعي جو ڪيس مقتول جي وارثن جي اچڻ بعد داخل ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.