مڪلي مان بيڪري مالڪ اغوا، پوليس جي ناڪابندي

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) مڪلي جي ورڪشاپ واري علائقي ۾ قائم نوراني بيڪري جي مالڪ اسلم مارواڙي کي نامعلوم ھٿياربند ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا آھن، اطلاع ملندي ئي پوليس سموري علائقي جي ناڪابندي ڪري ڇڏي پر ان باوجود ھٿياربند پوليس جو پھرو ٽوڙي آساني سان فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ مبينا اغوا ٿيل بيڪري مالڪ اسلم مارواڙي جي ڀاءُ عمران مارواڙي ٻڌايو ته مڪلي جي ورڪشاپ واري علائقي ۾ قائم نوراني بيڪري تي سندس ڀاءُ بيڪري مالڪ اسلم مارواڙي ويٺل ھو جنھن کي ڪار ۾ سوار ٽن نامعلوم ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي کيس کنڀي اغوا ڪري کڻي ويا آھن. ھن چيو ته  سندس ڀاءُ جي جان کي خطرو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.