ڪراچي ۾ ڇاپو، 7 اهلڪار گرفتار، چوري ٿيل 65 تولا سون هٿ

ڪراچي (رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو) ڪراچي علائقي 24 جون تي گلستان جوهر ٿاڻي جي حد مان  هڪ بنگلي ۾ گهريلو ڪم ڪندڙ عورتن پاران هڪ گهر مان 80 تولا سونا زيور چوري ڪيا جنهن جو ڪيس گلستان جوهر ٿاڻي تي داخل آهي ايس ايس پي ايسٽ انويسٽيگيشن ون الطاف حسين چيو ته 24 جون تي گلستان جوهر ۾ هڪ گهر مان گھريلو ڪم ڪندڙ عورتن پاران هڪ گهر مان 80 تولا سونا زيور چوري ڪيا جنهن جي انڪوائري ڪئي وئي جنهن کان پوليس انهن عورتن کي گرفتار ڪيو ويو جن اعتراف ڪيو ته اسان چوري ڪئي پر ايس آئي يو يونٽ صدر پوليس پاران اسان کي گرفتار ڪيو ۽ اسان کان رشوت وٺي اسان کي ڇڏيو ويو ۽ اسان کان سونا زيور سڀ ايس ايس يو وارا پوليس اهلڪار وٺي ويا جنهن کانپوءِ اسان سي آئي اي صدر ۾ ڇاپو هڻي 7 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ پوليس پارٽي جو انچارج سب انسپيڪٽر ممتاز، اي ايس آئي اسرار، اي ايس آئي عمران، پي سي آصف، پي سي شھيب، پي سي ذيشان، ۽ هڪ پرائيويٽ شخص محمد علي کي شامل آهي جن کان 65 تولا سون برآمد ٿيو آهي 80 تولا سونا زيور چوري ٿيا هئا جن مان 65 تولا سون برآمد ٿيو آهي باقي 15 تولا سون جي پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.