سنڌ تي پرڏيهين جو وڏو دٻاءُ آهي: اياز لطيف

ڍدادو( رپوٽ: عزيز احمد ملڪ) قومي عوامي تحريڪ جو صدر اياز لطيف پليجو دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  پاڪستان جي ٻين صوبن جو دٻاءُ به سنڌ تي آهي ته پرڏيهي ملڪن مان به آدمشماري جو دٻاءُ سنڌ تي آهي، برني، بنگلالي، ايراني، بهاري، افغان سڄي دنيا جا ماڻهو آسان سمجهن ٿا ته سنڌ مان وڃي شناختي ڪارڊ ٺهرائجي جنهن ۾ نادرا جا آفيسر خود ملوث آهن هن چيو ته سنڌ ۾ برساتون پيون آهن سنڌ جي وڏن شهرن جا ڪيترائي علائقا اڃا تائين پاڻي هيٺ آهن بلدياتي نظام پنهنجا حڪم مڃرائڻ لاءِ نه پر عوام جي خدمت لاءِ هوندا آهن پر بدنصيبي آهي جو بلدياتي نظام کي به پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهن، ساڳئي ريت سنڌ ۾ به رهندڙ مهاجر، پٺاڻ، پنجابي سڀ بائر آهن پر اڄ جيڪا زبان استعمال ڪئي آهي خواجه اظهار پريس ڪانفرنس ۾ مونکي تڪليف پهتي آهي اها اميد نه هئي، هن چيو ته ڪراچي جي ماڻهن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ۾ ايم ڪيو ايم جو هٿ آهي، هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ نسلي تڪرار پيدا ڪرڻ چاهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.