حيدرآباد ۾ مڙس هٿان قتل ٿيل عيني بلوچ جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش، تڏو وڇائي احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ مڙس هٿان مبينا طور بيدردي سان قتل ٿيل چئن ٻارڙن ماءُ قرئت العين عرف عيني بلوچ جو خون لوڙهڻ جي ڪوشش ڪرڻ خلاف مقتولڻ جي معصوم ٻارڙن ۽ وارثن سول سوسائٽي  سان گڏ قاسم آباد جي نسيم نگر چوڪ تي علامتي تڏو وڇائي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن دوران مقتولڻ جي تصوير آڏو ميڻ بتيون ٻاري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي مقتولڻ  جي امڙ آمنا بلوچ، ڀاءُ ثناءُ الله، عورت اڳواڻن امر سنڌو، سنڌو نواز، حسين مسرت شاهه، نازيا ڀٽي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته قرت العين کي بيدردي سان قتل ڪندڙ جوابدار کي ذهني مريض ظاهر ڪري ڪيس لوڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. هنن چيو ته قرت العين جي معصوم ٻارڙن کي نقصان پهچائڻ سميت ڪيترن ئي طريقن سان ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. هنن چيو ته سنڌ ۾ ان کان اڳ به گهريلو جهيڙن دوران ڪيترين ئي عورتن کي قتل ڪيو ويو آهي، پر لاڳاپيل ضلعن جي پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف اثرائتي جاچ نه ڪئي، جنهن ڪري قاتل سزائن کان بچي ويا آهن. هن چيو ته 3 ڏينهن اڳ آبپاشي آفيسر ڪالوني ۾ وحشي صفت انسان عمر ميمڻ پنهنجي نوجوان زال تي وحشياڻو تشدد ڪيو، جنهن دوران هو تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي ۽ صبح جو فوت ٿيل زال کي هو زخمي ڄاڻائي علاج لاءِ اسپتال کڻي پهتو. هنن چيو ته جوابدار بااثر آهي جنهن ڪري سندس مٽ مائٽ ڪيس تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.