ناليواري اداڪارا نائلا جعفري لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي(رپورٽر) ڪيترن ئي پاڪستاني ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندڙ سينيئر اداڪارا نائلا جعفري لاڏاڻو ڪري وئي. اداڪارا ڪافي عرصي کان ڪينسر جي عارضي ۾  مبتلا هئي. ڪجهه مهينا اڳ اداڪارا مالي مدد جي درخواست به ڪئي هئي. نائلا جعفري جي ڀاءَ عاطف جعفري جو چوڻ هو ته اداڪارا جي جنازي نماز سمهڻي جي نماز وقت ڊفينس فيز 2 ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي.نائلا جعفري اشفاق احمد جي ڊرامي هڪ محبت سو افسانا ۽ ٻين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.