مريد عباس قتل ڪيس، مک جوابدار جي ضمانت درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڏکڻ جي  عدالت اينڪر مريد عباس سميت ٻن ماڻهن جي قتل ڪيس جي مک جوابدار عاطف زمان جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت ۾  سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو تي جوابدار ٻن  ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، هو ڪنهن رعايت جو حق دار نه آهي، درخواستگذار عاطف زمان پنهنجي موقف ۾ چيو ته 10جولاءِ 2019ع کان ڪيس نه هلي رهيو آهي، پوليس بدنيتي تي ڪيس ٺاهيو آهي،  جوابدار هڪ محنتي ۽ ايماندار ماڻهو آهي، انڪري ضمانت ڏني وڃي

ڪراچي ايڪسپو سينٽر ۾ پگهار نه ملڻ تي عملي جي هڙتال

ڪراچي(رپورٽر) ايڪسپو سينٽر  ۾ ملازمن جي احتجاج سبب ويڪسينيشن جي رجسٽريشن  جو عمل معطل ٿي يو،  ايڪسپو سينٽر ۾ڪورونا ويڪسينيشن سينٽر تي ڪانٽريڪٽ  تي ڪم ڪندڙ ڊيٽا انٽري آپريٽر ٽن مهينن کان پگهار نه ملڻ تي ڪم بند ڪري احتجاج ڪيو ويو ، ايڪسپو سينٽر ۾ 300 جي لڳ ڀڳ ورڪرز رجسٽريشن تي ڪم ڪري رهيا آهن، مظاهرين پاران ايڪسپو سينٽر جي ٻاهران پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج  ڪيو پيو وڃي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ چيو ته جيڪڏهن جيتستائين پگهار نه ملندي ڪم نه ڪنداسين،اسان کي اسان جو حق ڏنو وڃي،ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي احتجاج جي ڪري ويڪسينيشن لڳرائيندڙ ماڻهو ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ ويڪسينشن جو عمل پڻ متاثر ٿي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.