مريم صفدر اخلاقيات تباهه ڪندڙ پارٽي جي وارث آهي: شهباز گل

اسلام آباد(م ڊ) ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته مريم صفدر اخلاقيات تباهه ڪندڙ ۽ تشدد جي  حامي سياسي پارٽي جي وارث آهي. ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ بيان هن چيو ته مريم صفدر اسلام ڳڙهه ۾ ڳالهائيندي ٻه شيون واضح ڪيون آهن. هڪ اهو ته هوءَ ان پارٽي جي وارث آهي جيڪا پارٽي سڀ کان پهرين سياسي اقتدار ۽ اخلاقيات تباهه ڪندڙ ۽ تشدد ڪندڙ پارٽي آهي. اخلاقيات جي ڳالهه ڪيون ته نواز شريف سڀ کان پهرين جوڻيجي کي دوکو ڏنو هو ۽ پوءِ ان عمل جي شراڪتدارن کي به دوکو ڏنو. پوءِ نواز شريف پنهنجي مخالفن کي گندي طريقي سان هارائڻ لاءِ ڇانگا مانگا برپا ڪئي. خريد ۽ وڪري جي شروعات ڪئي پوءِ نواز شريف پنهنجي مخالفن جون زبانون ڪٽرائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي ۽ آخر وڌندي وڌندي ڳالهه ايستائين پهتي جو نواز شريف ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت سپريم ڪورٽ تي حملو ڪري ڏنو.

ڪراچي ۾ مقابلو، چار ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي علائقي گلشن اقبال ۾ احساس ڪفالت سينٽر تان ڦر ڪندڙ ڦورو پوليس جي ور چڙهي ويا 4 ڦورو زخمي  حالت ۾ گرفتار پوليس موجب 2 جولائي تي 7 جوابدارن جيڪي رڪشي ۽ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڪري گلشن اقبال ۾ احساس ڪفالت سينٽر تان 10 لک 30 هزار رپيا ۽ موبائل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا  پوليس واقعي واري هنڌ پهچي سي سي ٽي وي فوٽيجز ھٿ ڪري ورتا هئا جنهن واقعو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو هو جنهن کانپوءِ پوليس خفيه اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جوابدارن جي گرفتاري ڇاپو هنيو ته جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني جوابي فائرنگ ۾ 4 ڦورو زخمي ٿي پيا.

شاهه فيصل ڪالوني ۾ پوليس مقابلو، 2 ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي شاھ فيصل ڪالوني ۾ پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلو ٿي پيو پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 ڦورو زخمي  ٿي پيا جن کي زخمي حالت ۽ گرفتار ڪيو ويو گرفتار هڪ جوابدارن کان هڪ غير قانوني پستول ۽ چوري جي موٽر سائيڪل برآمد ڪئي وئي آهي پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جون ۾ اها موٽر سائيڪل شاهراهه فيصل جي علائقي مان ڦر ڪئي هئي جوابدارن جو ڪرمنل ريڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي .

موچڪو ٿاڻي جي حد ۾ چيڪنگ، منشيات هٿ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي موچڪو پوليس اسنيپ چيڪنگ دوران بلوچستان کان ايندڙ ڪار اي  يو ايس 35 مان 360 ڪلو گرام ڇاليه سپاري ۽ انڊين گٽڪا برآمد ڪيا ويا پوليس موجب ڇاليه سپاري، انڊين گٽڪا جي اسمگلنگ ڪندڙ رحمت الله ولد حاجي محمد مٿام ڪيس داخل ڪيو ويو آهي جوابدار کان سندس ٻين ساٿين جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي….

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.