چوڌري پرويز الاهي سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي ملاقات

لاهور(م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن سندس رهائشگاهه تي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي  ۽ مونس الاهي جي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چوڌري شجاعت حسين جي خيريت پڻ معلوم ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر ڪامل علي آغا پڻ شريڪ هو جڏهن ته وفد ۾ سينيٽر سرفراز بگٽي، سينيٽر دلاور خان، سينيٽر عبدالقادر ۽ ملڪ فيصل شامل هئا. ملاقات ۾ بلوچستان سميت موجوده ملڪي سياسي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب مان بنا مقابلي سينيٽر چونڊرائڻ ۽ سياسي عمل کي مثبت انداز ۾ مڪمل ڪرڻ جي عمل کي ساراهيو. هن چيو ته چوڌري پرويز الاهي جو پنجاب اسيمبلي کي بهتر انداز ۾ هلائڻ، حڪومتي ۽ مخالف ڌر نمائندن جي وچ ۾ اعتدال رکي بجيٽ پاس ڪرائڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ ته پنجاب اسيمبلي ۾ سڀني کي گڏ کڻي قانونسازي جو عمل خوش اسلوبي سان مڪمل ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي، اتحادي پارٽين سان گڏجي ترقي جو سفر جاري آهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي سينيٽ چيئرمين جا ٿورا مڃيندي چيو ته وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان مسلم ليگ جي گڏيل ڪوششن سان پنجاب ترقي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي.

پاڪستان سائنس فائونديشن ۾ مقررين بابت خبرون بي بنياد آهن: ٽيڪنالاجي  وزارت

اسلام آباد(م ڊ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت طرفان ڇنڇر ڏينهن جاري وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان  سائنس فائونديشن ۾ مقررين جي حوالي سان ميڊيا ۾ شايع ۽ نشر ٿيندڙ خبرون بي بنياد آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ايس ايف ۾ روز جي خلاف ورزي ڪري مقررين بابت شايع ٿيندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، وزارت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۾ ٿيندڙ سڀ مقرريون ميرٽ رولز ۽ پاليسي مطابق ڪيون وينديون.

ڪراچي ۾ طوفاني برسات وسائڻ وارو سسٽم بلوچستان ڏانهن هليو ويو

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ طوفاني برسات وسائڻ وارو سسٽم بلوچستان ڏانهن هليو ويو، جنهن ڪري شهر ۾ هلڪي ۽ تيز  برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي سڀاڻي کان اربع تائين ملڪ ۾ طوفاني برساتن جي اڪڳٿي ڪري ڇڏي آهي ، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته راولپنڊي، هزاره ڊويزن، ڊيره اسماعيل خان، اسڪردو، گلگلت بلتسان ۽ ڪشمير ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي.

ناصر شاهه جي پير پاڳاري ۽ صدرالدين شاهه راشدي سان تعزيت

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني کاتي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه  پيرصاحب پاڳاري جي رهائشگاهه  پهچي پير  صاحب پاڳاري ۽ صدرالدين شاهه راشدي سان سندن  امڙ  جي لاڏاڻي تي تعزيت  ڪئي، ان موقعي تي پير راشد شاهه به موجود هو.  سيد ناصر حسين شاهه چيو ته پير صاحب پاڳاري، صدرالدين شاهه راشدي ۽  پوئنرن سان سندن ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه مرحومه جي ايصال ثواب جي لاءِ فاتحه ڪئي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.