لائيو اسٽاڪ کاتي جي زمينن تي قبضا، وڏي وزير پاران جاچ ڪميٽي قائم

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) لائيو اسٽاڪ کاتي جي زمينن تي قبضن جو معاملو سنڌ ڪابينا ۾ پهچي ويو،وڏي وزير جاچ لاءِ ٽن وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ڇڏي،ڪراچي ۾ ڪيٽل فارم جي فوري طور  جاچ، ڊي سي کي نگراني ۽ ڪارروائي جي هدايت.ذريعن موجب سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي شڪايت ڪئي وئي ته لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي زمينن تي قبضا ڪري ڪالونيون جوڙيون پيون وڃن،وڏي وزير نوٽيس وٺندي ٽن صوبائي وزيرن عبدالباري پتافي،مخدوم محبوب الزمان ۽ مڪيش ڪمار چاولا تي ٽيم جوڙي فوري ڪارروائي ڪرڻ ۽ رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي،وڏي وزير جي هدايت کانپوءِ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ختم ٿيندي ئي صوبائي وزيرن لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي صوبائي وزير عبدالباري پتافي،روينيو واري وزير مخدوم محبوب الزمان ۽ ايڪسائيز واري وزير مڪيش ڪمار چاولا ڪورنگي جي ڪيٽل فارم تي پهچي فارم جي زمين تي قبضن جي حوالي سان بريفنگ ورتي، ان موقعي تي لائيو اسٽاڪ کاتي جي سيڪريٽري اعجاز مهيسر ۽ ڊي جي نذير حسين ڪلهوڙو صوبائي وزيرن کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪيٽل فارم جي زمين تي قبضا نه آهن فارم جي سموري زمين کي بائونڊري اڏيل آهي،هن ٻڌايو ته سرڪاري زمين تي ڪابه ڪالوني نه جوڙي وئي آهي ان موقعي تي روينيو واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان ڊي سي ڪورنگي کي هدايت ڏني ته هو سرڪاري زمينن جي نگراني ڪري ۽ جيڪڏهن ڪٿي به قبضا ڪيا ويا آهن تي فوري طور تي هٽائي رپورٽ ڏني وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.