عمران خان کي ڪشمير فروشي جو تاج پهرايو وڃي: مريم نواز

ميرپور( م ڊ) مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ڪشمير اچي رهيو آهي، کيس ڪشمير فروشي جو تاج پهرايو وڃي. ميرپور ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته   عمران خان باغ ۾  به اي ٽي ايم ڳولي ورتو آهي. ان ڪري اتان ئي چونڊ مهم به شروع ڪري رهيو آهي. مريم نواز چيو ته مخالف به مڃين  ٿا ته نواز ليگ واحد پارٽي آهي، جنهن اڪيلي سر سڀني جون ڊوڙون لڳرائي ڇڏيون. مريم نواز چيو ته آزاد ڪشمير چونڊن کان آزاد ڪشمير جي عوام(ن) ليگ جي حق ۾ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي. نوازشريف جا آواز پوري ڪشمير ۾ گهمي رهيا آهن.مريم نواز چيو ته هي 2018 نه آهي جنهن ۾ اوهان آر ٽي ايس روڪرائي ڇڏيو هو.  هن چيو ته  عمران ڪشمير ۾ ووٽ چوري ڪري هتي به هٿ ٺوڪيو وزيراعظم ويهاري خودمختياري کسڻ گهري ٿو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.