مخالف ڌر ڪشمير جي سودي بابت بي بنياد پروپئگنڊه پئي ڪري: فرخ حبيب

فيصل آباد(م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مخالف ڌر واضح طور تي نظر ايندڙ شڪست کان بو کلائجي آزاد ڪشمير جي پنهنجي چونڊ مهم ۾ ڪشمير جي سودي جو الزام هڻي بي بنياد پروپئگنڊه ڪري رهي آهي پر عوام ڄاڻي ٿو ته دنيا جي هر پليٽ فارم سميت انٽرنيشنل ميڊيا تي جيڪڏهن ڪنهن دليراڻي طور تي ڪشمير جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير هجڻ جو ڪردار ادا ڪيو آهي ته اهو وزيراعظم عمران خان ئي آهي، جڏهن ته ان جي ابتڙ مخالف ڌر وارا ڪشمير جي چونڊ مهم م مودي جو نالو ڇو نه ٿا وٺن، جيڪڏهن مريم نواز جي رڳن ۾ ڪشمير جو رت هجي ها ته مودي انهن جي گهر نه اچي ها ۽ جيڪڏهن کيس ڪشمير جي ڌيءَ بڻجڻ جو شوق آهي ته ساڙهين ۽ انبن جا تحفا وسري وڃي، موصوفه ڀارت پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ جاري ظلمن جي مذمت ڇو نه ٿي ڪري، جنهن کي ڪوڙ جا سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن ۽ هوءَ جنهن وٽ وڃي ٿي ان جي ڌيءَ بڻجن جو ڊرامو ڪري ٿي جڏهن ته هاڻي سندس اهو ناٽڪ ڪامياب نه ٿيندو، ان کانسواءِ عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت ٽيڪس ليوي زيرو ڪرڻ سميت سيلز ٽيڪس ۾ ڪو اضافو نه ڪيو، حڪومت هلندڙ مهيني جي آخر ۾ عام ماڻهو جي لاءِ وڏي ريليف ۽ سهولتن واري پئڪيج جو اعلان پڻ ڪرڻ وڃي رهي آهي، جنهن سان لکين ماڻهو فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته ڪشمير جو اسٽيٽس ختم ڪرڻ جي اڄ تائين مريم صفدر پاران مذمت نه ڪئي وئي هن چيو ته شريف خاندان اهو واحد ڀڳوڙو خاندان آهي جيڪو پوري جو پورو اشتهاري ۽ لنڊن ۾ مفرور آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته علي امين گنڊاپور ڪشمير ۾ جلسي کي خطاب ۾ جيڪو چيو اهو پاڪستان کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ جي سياق سباق ۾ هو، ڇو ته جيڪڏهن ان وقت هڪ ٻئي جي مينڊيٽ جو خيال ڪيو وڃي ها ته ملڪ ٻه ٽڪرا نه ٿئي ها، پر پوءِ به هر شخص جو پنهنجو طريقو ۽ اظهار خيال جو انداز آهي، جيڪا ان جي ذاتي سوچ هوندي آهي، پر بطور حڪومت اسان ڪنهن کي سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي لاءِ ناهيون ويٺا. هن چيو ته حڪومت قيمتن کي ريشنلائيز ڪرڻ جي لاءِ اڃا به يوٽيلٽي اسٽورز کي ماهوار 2 ارب رپين جي سبسڊي ڏئي رهي آهي پر ان کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هاڻي ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو نظام آندو پيو وڃي ڇو ته سبسڊي غريب ماڻهن جي لاءِ هوندي آهي پر سرندي وارا ۽ امير ماڻهو به يوٽيلٽي اسٽورز تان خريداري ڪن ٿا جنهن سان غريب ماڻهن جو حق ماريو وڃي ٿو ۽ حڪومت تي به اضافي بار پوي ٿو پر هاڻي حڪومت اين آر اي سي ذريعي يوٽيلٽي اسٽورز جو سمورو رڪارڊ ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري رهي آهي جنهن تحت غريب ماڻهن کي خصوصي ڪارڊز ڏنا ويندا جنهن سان انهن کي يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي شين جي خريداري ۾ آساني ٿيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.