داسو واقعي جي ذميوارن کي جلد گرفتار ڪيوويندو: شيخ رشيد

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته داسو واقعي جي جاچ آخري مرحلن ۾ آهي ۽ واقعي جي ذميوارن کي قانون جي گرفت/  ۾ آندو ويندو،اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي شيخ رشيد چيو ته چين جا 15 عملدار  جاچ لاءِ پاڪستان پهتل آهن، واقعي تي چيني پرڏيهي وزير به مون سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، چيني پبلڪ سيڪيورٽي واري وزير سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ واقعي جي مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته زخمين کي پاڪ فوج جي اسپتال ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي، شيخ رشيد جو چوڻ هو ته چيني شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت اسان جو فرض آهي، سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو،هن چيو ته  سي پيڪ ۽ پاڪ چين دوستي جي دشمنن کي معاف نه ڪيو ويندو،سندس چوڻ هو ته گهرو وزارت جي هر جاءِ تي نظر آهي، ڀارت پاڪستان ۾ مداخلت جو ڪو به موقعو وڃڻ ناهي ڏيندو جڏهن ته پاڪستان امن جو محافظ آهي، پاڪستان جو امن افغانستان جي امن سان سلهاڙيل آهي، ان ڪري اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن هجي، پنهنجي سر زمين افغانستان جي خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏينداسين،هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هو ته رينجرز، ايف سي، سنڌ رينجرز کي ڪشمير۾ اليڪشن لاءِ مقرر ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.