افغان پناهگيرن تي ڪنهن به اعتراض ناهي ڪيو: صدر علوي

اسلام آباد (م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ۾ رحم جو عنصر ۽ دردمندي کي مرڪزي حيثيت حاصل  رهي جنهن جي ڪري ڪورونا وائرس جي عالمي وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان کي بي مثال ڪاميابي ملي، ڪفايت شعاري جي حوالي سان ماڻهن جي لاءِ روين ۾ تبديلين جي رخ جو تعين ڪيو، پاڪستان ماضي مان سبق سکيو آهي، ڪشمير جو مسئلو هندستان جي ورڇ جي اصولن جي قطعي خلاف هو، گذريل ڏينهن پاڪستان جي مستقبل بابت اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ کي پنهنجي خيالن ۽ ويزن جي حوالي سان انٽرويو ڏيندي صدر چيو ته پاڪستان ڪيترن ئي شعبن ۾ نمايان تبديلين مان گذري رهيو آهي، مثال طور پاڪستان بدعنواني کان متاثر ٿيو آهي، صدر چيو ته مڙهيل سيڪيورٽي صورتحال جي ڪري پاڪستان متاثر ٿي رهيو آهي، ماضي ۾ افغانستان تي سوويت يونين جي حملي ۽ ان جي خلاف جهاد، اسامه بن لادن جي افغانستان ۾ موجودگي ۽ بعد ۾ آمريڪي فوج جي اچڻ سان هڪ اهڙي صورتحال پيدا ٿي جو پاڪستان ۾ 35 لک کان وڌيڪ افغان پناهگير اچي ويا جنهن جا پاڪستان تي تمام وڏا سماجي ۽ اقتصادي اثر پيا، ملڪ ۾ ڪلاشنڪوف ڪلچر متعارف ٿيو، ٽن ڏهاڪن کان پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اها اسان جي ملڪ ۽ اسان جي ماڻهن جي عظمت آهي جو ڪنهن انهن پناهگيرن جي موجودگي تي اعتراض ناهي ڪيو ۽ ڪنهن اهو نه چيو ته انهن کي زبردستي واپس موڪلڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.