ٽنڊوآدم شهر ۾ بجلي جي 11 هزار وولٽ جي تار ٽٽي ڪري پئي،ڀاڄ

ٽنڊوآدم(ن ع آ) حيسڪو اڏيرو لال جي حد ۾ ٽنڊوآدم شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي ٽهل آباد جمن شاھ پاڙي ۾ بجلي جي  11 هزار وولٽ جي تار ٽٽي ڪري پيئي تار ٽٽڻ سبب زوردار اسپارڪنگ ٿي ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي ويئي , ماڻهو معجزاڻي طور محفوظ رهيا ,  شهرين پاران حيسڪو اڏيرو لال جي آفيسرن کي اطلاع ڪيو اطلاع باوجود ڪئي ڪلاڪ گذرڻ کان پوء به لائن جي مرمت لاء ڪو آفيسر نه پهتو , ياد رهي ته ڪجھ وقت اڳ ساڳي سب ڊويزن ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ سبب هڪ ئي گهر جا ٽي ڀاتي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويا هئا ان هوندي به حيسڪو اڏيرو لال جي انتظاميا اکيون نه کوليون آهن، هوڏانهن ٽنڊوآدم لڳ دلور موري  ۾ دڪان تي ڪم ڪندڻ مول چند ولد چوٿا رام دڪان جي ڇت تي سولر صاف ڪرڻ  لاءِ ويو ته 1100وولٽ  تار مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيوجنھن کي سول  اسپتال حيدرا آباد نيول نيو ويو آهي,  ٻئي واقعي ۾ ڳوٺ ٻيڙو ڪلوئي ۾  فراز  علي   ولد قادو ڪلوئي ڪبوتر پڪڙڻ لاء بجلي جي ٿنڀي تي چڙھيو ته ڪرنت لڳڻ سبب  سخت   زخمي   ٿي پيو  جھن  کي  تعلقه اسپتال نيو ويو.

ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي چور ۽ ڦورو سرگرم

ٽنڊوآدم(ن ع آ) ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي چور ۽ ڦورو سرگر ٿي ويا، عوام جي بيچيني وڌڻ لڳي.  تفصيل مطابق ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي چور ۽ ڦورو سرگرم ٿي چڪا آهن ٽنڊوآدم شهر جي فراز ٽائون مان اڻ ڄاتل چور خورشيد شيخ جي نئين ٺهندڙ گهر مان سولر پليٽ ۽ پاڻي جو روٽر چوري ڪري ويا، ٻئي واقعي ۾ ٽنڊوآدم جي سبزي منڊي لڳ اڻ ڄاتل چاٻي چور محبت مڱڻهار جي موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا، ٽئين واقعي ۾ ٽنڊوآدم جي نادرا آفيس سامهون اڻ ڄاتل چاٻي چور گيانچند ڀيل جي موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا. چوٿين واقعي ۾ ٽنڊوآدم جي ايڌي سينٽر لڳ ٻه ٻٽ ٻڌل هٿياربند بابو سيال عرف باڊي بلڊر کان هٿيارن جي زور تي 60 هزار روپيا نقد ڦر ڪري فرار ٿي ويا , ٽنڊوآدم ۽ ڀرپاسي چوري ۽ ڦرن جي وارداتن سبب خلق پريشان آهي جڏهن ته پوليس شهرين جي تحفظ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.