ملير جيل ۾ رينجرز جو سرچ آپريشن

ملير (ڊ ر) ؛ رينجرز اٽالن پاران رات دير سان ڊسٽرڪٽ جيل ملير جو سرچ آپريشن ڪيو ويو، آپريشن ۾ چاليهن کان وڌيڪ گاڏين تي سوار چار  سئو کان وڌيڪ اهلڪارن حصو ورتو، سرچ آپريشن متعلق ڊسٽرڪٽ جيل ملير جي سپريٽنڊنٽ ارشد شاهه صحافين کي ٻڌائيندي چيو ته رينجرز پاران ملير جيل ۾ سرچ آپريشن ڪيو ويو جيڪو چار ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن ۾ مختلف بيرڪن ۽ قيدين جي تلاشي ورتي وئي ۽ قيدين کان پڇا ڳاڇا پڻ ڪئي وئي، هن چيو ته سرچ آپريشن اوچتو ٿيو جنهن بابت اسان کي به 10 منٽ اڳ خبر پئي، سرچ آپريشن دوران ڪابه غيرقانوني شيء ھٿ نه آئي آهي. واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ جيل ملير ۾ بحريا ٽائون ڌرڻي واري واقعي ۾ قيد جسقم جي چيئرمين صنعان خان قريشي سميت سموري مرڪزي قيادت ۽ ٻيا ڪارڪنن کانسواءِ نيب جي مختلف ڪيسن ۾ قيد قيدي پڻ ملير جيل ۾ قيد آهن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.