سنڌ ۾ ڪورونا: وڌيڪ 25 مريض فوت، 1631 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ جي شرح 20.34 سيڪڙو تائين پهچي وئي، سنڌ جي صحت کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ گڏيل طور تي 18 هزار 75 ٽيسٽون  ڪيون ويون،  جنهن مان 1631 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ 25 ڄڻا زندگي جي جنگ هارائي ويٺا،صحت کاتي جي اختيارين موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 1314 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي ۽ مثبت ڪيسن جي شرح 20.34 سيڪڙو رهي، سنڌ جي صحت کاتي موجب سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ واري شرح 2.97 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته صوبي ۾ گڏيل طور ڪورونا ڪيس مثبت اچڻ جي شرح 9.64 سيڪڙو ريڪارڊ ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.