منظورآباد ۾ ماءُ جي گهر ترسيل عورت ڪارنهن الزام هيٺ قتل

مانجهند ( رپورٽ: بابو عمراڻي) منظورآباد ۾ ماءُ جي گهر ترسيل عورت کي جوابدارن ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو،6 جوابدارن  گھر  تي حملو ڪري ماءُ جي گهر ۾ ترسيل   19 ورھين جي شهنيلا ماڇي کي ڪارنهن الزام هيٺ  گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جوابدارن لاش کڻڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت بعد فرار ٿي ويا،عورت جي ماءُ  محبت خاتون  ٻڌايو ته سندس ڌي شهنيلا کي 2 مهينا اڳ مڙس خالد ماڇي ۽ سهري ربڏنو   قاتلاڻو حملو ڪري مارڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ڀاءُ  وچ ۾ آيو ته کيس مرڻينگ ڪيو ويو جنهن ۾ 4 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪرايو پر صرف مڙس خالد ماڇي کي گرفتار ڪيو ويو جنهن سبب جوابدار ربڏنو صادق جبل ماڇي امان سميت  6 جوابدارن  ھٿيارن سان  گھر تي حملو ڪري ڌيءُ کي قتل ڪري لاش کي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي رڙين تي فرار ٿي ويا، هوڏانهن خاڻوٺ پوليس ٻڌايو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو وارث پهچڻ تي ڪيس داخل ڪنداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.