ڪشمور ڀرسان پاڻي معاملي تان جهيڙو، چاچن هٿان يونيورسٽي جو شاگرد قتل، 5 زخمي

ڪشمور( رپورٽ: دليپ ڪمار ڪيسواڻي ) ڪشمور جي ڳوٺ علي محمد کوسو ۾ زرعي زمين جي پاڻي ڇوڙ معاملي تان چاچن جي فائرنگ ۾ ڪراچي جي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڳڀرو نوجوان جاويد کوسو  مارجي ويو ۽ سندس ڀاءُ جميل کوسو سخت زخمي ٿي پيو نوجوان جي ڀاءُ جميل کوسو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيميار خان نيو ويو جھيڙي جي زخمين ۾ منظور کوسو، ظھور کوسو، حميد چانڍيو ۽ آصف بروهي کي ڪشمور سول اسپتال مان طبعي امداد ڏيڻ بعد علاج لاءِ رحيميار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو ڪشمور پوليس ڌرين ۾ ھلندڙ جھيڙي واري هنڌ پهچي وئي ڌرين ۾ ھلندڙ فائرنگ بند ڪرائي ڪشمور پوليس موجب اڳوڻي ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين اسرار احمد کوسو جو ڀاءُ احسان کوسو سان پراپرٽي معاملي تان تڪرار ھلندڙ ھو ڪجهه ڏينهن اڳ ڌرين گھر ڀرسان زمين تي مورچا قائم ڪري ڇڏيا ھئا مليل شاھدين ۽ شروعاتي جاچ مطابق منظور کوسو جي ڌر طرفان زمين تي ويٺل پنهنجي ڀائٽين مٿان فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو ويو آهي ٻئي پاسي چاچن ھٿان مارجي ويل نوجوان جي پيءُ احسان کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڀائرن منهنجي پٽن مٿان فائرنگ ڪري ھڪ کي قتل ڪيو ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو آهي جنهن باوجود ڪشمور پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي ھن چيو ته منهنجي ڀائرن اسرار کوسو، منظور کوسو، نياز کوسو ۽ انهن جي ھٿياربندن پنهنجي زمين تي ويٺل منهنجي پٽن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ھڪ نوجوان کي ماريو ويو ۽ ٻئي کي معذور بڻائي ڇڏيو آهي آئي جي سنڌ نوٽيس وٺي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي پاسي جھيڙي ۾ ٿيل زخمين کي ڪشمور سول اسپتال مان طبعي امداد ڏيڻ بعد رحيميار خان ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ علاج لاءِ ريفر ڪيو ويو آهي،آخري اطلاعن تائين مارجي ويل نوجوان جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.