سعودي عرب ۾ هلندڙ سال وڌيڪ 22 سينيما گهر کوليا ويندا

جده (م ڊ) سعودي عرب ۾ معياري زندگي مرڪز جي ايگزيڪٽيو ڊائريڪٽر خالد البڪر چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هلندڙ سال وڌيڪ 22 سينيما گهر کوليا ويندا. سعودي اخبار مطابق جده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي  چيو آهي ته سعودي عرب ۾ سينما مارڪيٽ جو ڳاڻيٽو وچين اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هتي 5 ڪمپنيون سينما گهر هلائي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ سال وڌيڪ 22 نئين سينيما گهر کوليا ويندا.

ڄمون: ڀارتي فوجين پونڇ ۾ تلاشي جو آپريشن شروع ڪري ڇڏيو

ڄمون (م ڊ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين ڄمون خطي جي پونڇ ضلعي ۾ ڪيترين ئي جاين تي  گهيراءَ ۽ تلاشي جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارتي فوجين ضلعي ۾ لائين آف ڪنٽرول ويجهو واقع علائقن ۾ گهيراءَ بعد تلاشي جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي پاسي ڀارتي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته هن والاريل علائقي جي پلوامه ضلعي جي علائقي ترال ۾ هڪ آپريشن دوران وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو آهي.

پاڪستان ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن وچ ٻطرفي واپار ۾ واڌ

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪن وچ ٻطرفن واپاري ڳاڻيٽو ۾ گذريل مالي سال دوران نمايان اضافو رڪارڊ  ڪيو ويو آهي، مالي سال ۾ انڊونيشيا، ملائشيا، سنگاپور ۽ ٿائي لينڊ کي پاڪستاني روانگي واپار ۾ 2.14 سيڪڙو جڏهن ته ان ملڪن کان آمدني واپار ۾ 31.01 سيڪڙو جي شرح سان وڌيڪ ٿي آهي. مئي 2021ع ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن کي پاڪستاني آروانگي واپار ۾ 52.88 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. اسٽيٽ بئنڪ طرفان ان حوالي سان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق جولاءِ 2020ع کان مئي 2021ع تائين جي مدي ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪ انڊونيشيا، ملائشيا، سنگاپور ۽ ٿائي لينڊ کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 872.400 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 2.14 سيڪڙو وڌيڪ آهي، گذريل مالي سال جي اهڙي مدي ۾ ان ملڪن کي پاڪستاني روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 854.07 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، مئي 2021ع ۾ ان ملڪن کي روانگي واپار سان ملڪ کي 89.01 ملين ڊالر جو ناڻو حاصل ٿيو جيڪو گذريل سال مئي جي 58.22 ملين ڊالر جي ڀيٽ ۾ 52.88 سيڪڙو وڌيڪ آهي. اسٽيٽ بئنڪ مطابق جولاءِ 2020ع کان مئي 2021ع تائين جي مدي ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي ملڪ انڊونيشيا، ملائشيا، سنگاپور ۽ ٿائي لينڊ سان 6.404 ارب ڊالر جي آمدني واپار رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 31.01 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

مسجد نبوي جي اڱڻ ۾ گرمي جذب ڪندڙ نئين ٽائلز لڳائي وئي

مدينو شريف(م ڊ) مسجد نبوي جي اڱڻ ۾ گرمي جذب ڪندڙ نئين ٽائلز لڳائي وئي آهي. سعودي خابرو اداري مطابق مسجد نبوي جي ٻاهرين اڱڻ ۾ اڇو يوناني سنگ مرمر جا ٽائلز هڪ لک 8 هزار ميٽر جي  ايراضي ۾ لڳائي وئي آهي. خاص قسم جو هي سنگ مرمر يورپ، ايشيا ۽ آفريقا جي ڪجهه ملڪن مان منتخب ڪيا ويندا آهن. سڀ کان بهترين سنگ مرمر اٽلي جو هوندو آهي. مسجد نبوي جي فرش جو وڏو حصو اٽلي مان امپوٽ ڪيل سنگ مرمر واري ٽائلز تي ٻڌل آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.