عام واهپي جون شيون مهانگيون ڪرڻ ظلم آهي: اسماعيل راهو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي زراعت کاتي واري وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته اقتصادي رابطه ڪميٽي پاران يوٽيلٽي اسٽورن تي گيهه، کنڊ ۽ اٽو مهانگو ڪرڻ جو فيصلو عوام تي ڊرون حملو آهي. گيهه جي قيمت ۾ 90 روپيا ، کنڊ 17 روپيا ۽ 20 ڪلو اٽي تي 150 روپيا اضافي جو فيصلو واپس ورتو وڃي. اسماعيل راهو پنهنجي بيان ۾ مطالبو ڪيو ته وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي کاڌي پيتي جي شين تي سبسڊي فراهم ڪري، سليڪشن ذريعي اقتدار ۾ آيل وفاقي حڪومت هر روز غريب عوام تي مهانگائي جي سونامي آڻيندي آهي. اسماعيل راهو چيو ته “تباهي سرڪار” 30 ڏينهن ۾ ٽي دفعا پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو، پيٽرول مهانگو ڪرڻ کان 24 ڪلاڪن بعد  عوام تي هڪ ٻيو مهانگائي جو بم ڪيرايو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.