سنڌ ريونيو بورڊ (ايس آر بي) جي ٽيڪس وصولين ۾ واڌ

اسلام آباد (م ڊ) سنڌ ريونيو بورڊ (ايس آر بي) جي ٽيڪس محصول ۾ گذريل مالي سال دوران 21 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. ايس آر بي جي غير حتمي انگن اکرن مطابق  گذريل مالي سال دوران ٽيڪس وصولين جو مجموعي ڳاڻيٽو 128 ارب روپين تائين وڌي ويو جڏهن ته مالي سال 20-2019ع دوران سنڌ ريونيو بورڊ جي ٽيڪس محصول 106 ارب روپيا رهيو هو. اهڙي طرح مالي سال 2020ع جي ڀيٽ ۾ گذريل مالي سال 2021ع دوران ايس آر بي جي ٽيڪس محصول ۾ 22 ارب روپيا يعني 21 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. انگن اکرن مطابق ايس آر بي جي مجموعي ٽيڪس وصولين ۾ سنڌ سيلز ٽيڪس جي مدي ۾ 121 ارب روپين جي وصوليون شامل آهن.

مسجد الحرام جي هر حصي جي سينيٽائزنگ

مڪو شريف(م ڊ) مسجد الحرام ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ڪيترائي حفاظتي قدم کيا ويا آهن. العربيه نيوز مطابق مقدس مسجد انتظاميه ٻڌايو ته مسجد الحرام جي ڇت، فرش ۽ سڄي  ماحول کي سينيٽائز ڪرڻ لاءِ 450 کان وڌيڪ سينيٽائزنگ پمپ ۽ 30 کان وڌيڪ مشينن جو انتظام ڪيو ويو آهي. مسجد الحرام جي هر حصي کي سينيٽائزنگ ڪيو پيون وڃي. انتظاميه چيو آهي ته مسجد الحرام جي سمورن دروازن تي 70 کان وڌيڪ ٿرمل ڪيمرا ڪيا ويا آهن. ٽيسٽنگ دوران سماجي فاصلو برقرار رکڻ لاءِ ماهرن مسجد الحرام جي هر حصي ۾ ٽريڪ ٺاهيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.