اسلام آباد ۾ افغان سفير جي ڌيءُ اغوا ۽ تشدد جو شڪار، وزيراعظم جو نوٽيس

اسلام آباد( م ڊ)  اسلام آباد ۾ افغان سفير جي نياڻي اغوا ۽ تشدد جو شڪار ٿي آهي، وزيراعظم جوٽيس ورتو آهي. افغان سفير نجيب الله جي ڌيءُ کي بليو ايريا مان اغوا  ڪري بيهوش ڪرڻ بعد جهنگ ۾ ڇڏيو ويو. بي بي سي موجب ڪوهسار ٿاڻي جي حد بليو ايريا مان افغان سفير جي ڌيءُ کي اغوا ڪيو ويو. هو خريداري ڪري هڪ ٽئڪسي ۾ ويٺي ته ٻيو همراهه به ٽئڪسي ۾ ويهي رهيو، اعتراض تي مٿس تشدد ڪيو ويو، هن کي جڏهن هوش آيو ته هو ايف سيون علائقي ۾  هڪ جهنگ ۾ هئي. جتان هو ٽيڪسي ڪرائي شهر ۾ آئي ۽ سرڪاري گاڏي گهرائي پهتي. افغان پرڏيهي کاتي واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.. پرڏيهي آفيس مان جاري ڪيل بيان مطابق ، افغان سفارتخاني ڪالهه رپورٽ ڏني ته افغان سفير جي ڌيءُ مٿان ڪار ۾ سوار ٿيڻ دوران حملو ڪيو ويو، واقعي جو اطلاع ملندي ئي اسلام آباد پوليس فوري طور تي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پرڏيهي وزارت ۽ سيڪيورٽي اهلڪار، سفير ۽ سندس خاندان سان رابطي ۾ آهن ترجمان موجب، اهڙا واقعا ناقابل برداشت آهن ۽ سفارتڪار پنهنجي گهرڀاتين جي حفاظت لاءِ پرعزم آهن وزيراعظم شيخ رشيد کان رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته 48 ڪلاڪن ۾ جوابدار ڪٽهڙي ۾ اچڻ گهرجن. شيخ رشيد چيو ته واقعي ۾ ٻه ٽئڪسي ڊرائيور ملوث آهن، جن مان هڪ جي ويجهو پهچي ويا آهيون. هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ۽ اي اين پي اڳواڻ ايمل ولي ۽ ٻين افغان سفير جي ڌيءُ جي اغوا واقعي جي مذمت ڪئي آهي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.