ڪشمير سان پيڙهين جو رشتو آهي، محبت ورثي ۾ ملي: آصفه ڀٽو

مظفر آباد/ڪوهالا (م ڊ) پ پ اڳواڻ آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشميرين  جي جمهوري حقن لاءِ اسان جي جان به حاضر آهي.  ڪشميرين سان محبت ورثي  ۾ ملي آهي، 25 جولاءِ تي تير تي ٺپو لڳايو وڃي ڇو ته تير ترقي ۽ روزگار جو نشان آهي.رپورٽ  موجب ڪوهالا ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. ڪشمير جنت جي وادي آهي، ڪشمير بينظير آهي، ڪشمير سان اسان جو رشتو 3 پيڙهين کان آهي. پيپلز پارٽي هميشه ڪشمير سان گڏ بيٺل آهي. پيپلز پارٽي اڳ به ڪشمير سان هئي، اڄ به آهي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير سان محبت ورثي ۾ ملي آهي. آصفه چيو ته 25 جولاءِ تي هر ماڻهو تير تي ٺپو لڳائي ڇو ته تير ترقي ۽ روزگار جو نشان آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.