”ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين گرفتاري نه ٿيندي“ سنڌ ڪابينا پاران مسودي جي منظوري

ڪراچي(رپورٽر)  سنڌ ڪابينا پوليس قانون ۾ تبديلي ڪري ڇڏي، سنگين الزامن کانسواءِ ٻين ڪيسن ۾ ڪنهن کي به گرفتار نه ڪرڻ جي منظوري، ڪپهه تي فيس ۾ 10 رپيا گهٽتائي ڪرڻ سان گڏ ڪي ايم سي  جون اسپتالون صحت کاتي حوالي ڪيون ويون آهن، ڪالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس قانونن ۾ ترميم، ڪپهه في، سميت ٻين ايجنڊائن تي غور ويچار ڪري فيصلا ڪيا ويا،   صوبائي ڪابينا آءِ جي پوليس جي سفارش تي پوليس قانون 1934 جي  پوليس آرٽيڪل 26 ۾ ترميم جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت پوليس عملدارن کي رڳو هڪ ايف آءِ آر درج ڪرڻ تي ڪنهن به شخص کي گرفتار ڪرڻ کان منع ڪيو ويو آهي. هاڻي ترميم کانپوءِ پوليس آفيسرن کي اها سهولت ڏني وئي آهي ته اهي ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين جي مستند ثبوتن گڏ ڪندي پنهنجي سينيئر پوليس آفيسرن کان اجازت وٺي گرفتاري کي عمل ۾ آڻين. ڄاڻايل ترميم سان پوليس پاران عوام جي غيرضروري گرفتارين کان روڪي سگهبو.  تفصيلي غور ويچار کانپوءِ ڪابينا 20 رپيا في 100 ڪلو کان ڪپهه جي فيس کي گهٽائي  10 رپيا ڪرڻ جي منظوري ڏني. وڏي وزير چيو ته نئين مالي سال جي پهرين ٽماهي ۾ 14.098 ارب رپين جون 603 اسڪيمون مڪمل ٿي وينديون جنهن لاءِ وڏي وزير ڪابينا ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته منصوبن جي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڻ نگراني ڪن. ڪي ايم سي جي درخواست تي صوبائي ڪابينا چئني صحت جي مرڪزن کي جن ۾ گزري زچگي اسپتال، سوڀراج زچگي اسپتال، گزدرآباد جنرل اسپتال (ڏکڻ) ۽ لانڍي ميڊيڪل ڪمپليڪس (ڪورنگي) کي پنهنجي اسٽاف سوڌو وٺڻ جي تجويز کي منظوري ڪيو ويو ۽ انهن جي موثر آپريشن لاءِ سنڌ جي صحت کاتي حوالي ڪيو ويو. ڪي ايم سي انهن صحت سينٽرن جي سار سنڀال ۽ هلائڻ لاءِ تقريباً 800 ملين رپيا خرچ ڪيا پر مالي تنگي سبب انهن کي صحيح طريقي سان هلائي نه سگهيا جڏهن ڪي ايم سي پنهنجي ملازمن کي وقت تي پگهار به ادا نه ڪري سگهي. سنڌ ڪابينا ڪي ايم سي جي رضامندي سان صحت جي سينٽرن کي وڌيڪ آپريشن لاءِ صحت کاتي حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ايڪسائيز کاتي جي تجويز کي اين آر ٽي سي سان ڳالهائڻ جي تجويز جي منظوري ڏني جنهن ۾ سيڪيورٽي ريٽرو ريفليڪٽو نمبر پليٽون گاڏين جي هر قسم لاءِ موجود آهن جن ۾ ٻن ڦيٿن، ٽن ڦيٿن ۽ چئن ڦيٿن واريون گاڏيون شامل آهن.  سنڌ جي وڏي وزير ايڪسائيز کاتي کي هدايت ڪئي ته ان معاملي تي ڪم کي تيز ڪيو وڃي ته جيئن صوبي ۾ گاڏين کي سيڪيورٽي نمبر پليٽون جاري ٿي سگهن.ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي ته اين ڊي ايم اي صوبائي حڪومت کي برساتي پاڻي جي نيڪال وارن منصوبن لاءِ سنڌ سيلز ٽيڪس معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي ڪابينا مسجد رضوان ٽرسٽ کي 10 ايڪڙ زمين قبرستان لاءِ ديهه مواڇ، تعلقو ماڙيپور ضلع ڪيماڙي ۾ في ايڪڙ هڪ لک رپين جي عيوض ڏيڻ جي منظوري ڏني.  وڏي وزير بلديات کاتي کي هدايت ڪئي ته قبرستانن کي زمين جي الاٽمينٽ ۽ ريگيولر ڪرڻ لاءِ هڪ اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منصوبي تي عمل ڪيو وڃي.چيني قونصليٽ جي درخواست تي ڪابينا سفارتخاني سان لڳ ثقافت کاتي جي انسٽيٽيوٽ آف پاڪستان ٽوررزم اينڊ هوٽل مينجمينٽ لاءِ پيل خالي پلاٽ کي حوالي ڪرڻ جي تجويز کي منظور ڪري ورتو. ان پلاٽ جي بدلي ۾ چيني قونصليٽ ثقافت کاتي کي 2000 گز جو پلاٽ ڏيندي. ڪابينا تجويز کي منظور ڪري ورتو. صوبائي ڪابينا هيلٿ ڪيئر سروس ڏيندڙن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ،پابنديون لڳائڻ ۽ صحت بابت سروسز جي مرڪزن ۾ سامان ۽ مالي ۽ جاني نقصان کان بچڻ لاءِ ”سنڌ هيلٿ ڪيئر سروس ۽ سهولتون ڏيندڙ (تشدد کان روڪڻ ۽ سامان کي نقصان پهچائڻ) واري بل 2021 جي منظوري ڏني. جنهن کانپوء ڪنهن به مريض / وارثن کي پنهنجي مريض لاءِ غلط سلوڪ ڪرڻ غفلت ڪرڻ جي بهاني ڪنهن به ميڊيڪل آفيسر يا لاڳاپيل اسپتال جي عملي تي تشدد، ڊيڄارڻ يا بدسلوڪي ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. بلدياتي کاتي ڪابينا کي آگاهي ڏني ته ڪراچي ضلعي ڪائونسل پنهنجي ٽن يونين ڪائونسلن، يوسي مواڇ، يوسي گوباپت ۽ يوسي لال بکر کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي سفارش ڪندي کين يونين ڪميٽي طور ڄاڻايو وڃي ۽ انهن کي نئين قائم ڪيل ڊي ايم سي ڪياماڙي جو حصو بڻايو وڃي. ڪابينا تجويز کي منظور ڪري ورتو.ڪابينا، يونيورسٽيز اينڊ بورڊز جي سفارش تي چيئرمين بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن (بي آءِ ايس اي)، حيدرآباد، سکر ۽ ميرپورخاص لاءِ چيئرمين بورڊ جي ريگيولر مقرري تائين انهن لاڳاپيل بورڊن جي چيئرمينن کي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏيڻ جي تجويز جي منظوري ڏني. ڪابينا ساڳيو فيصلو ڊاڪٽر فيض الله عباسي وائيس چانسلر دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي کي ريگيولر وائس چانسلر طور مقرريءَ تائين بطور وي سي ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ پڻ ڪيو هو.خوراڪ کاتي واري صوبائي وزير هري رام ڪابينا کي ٻڌايو ته محمد فائونڊيشن ٽرسٽ ميرپورخاص ۾ تعليم جي شعبي ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي تنهنڪري سندس درخواست تي ابن سينا يونيورسٽي جي قيام لاءِ غور ڪيو وڃي. ڪابينا تجويز کي منظور ڪري ورتو.ڪابينا موٽر وهيڪل قانون ۾ هڪ ترميم جي منظوري ڏني ته بس بس ريپڊ ٽرانزٽ (بي آر ٽي) ڪوريڊور / بي آر ٽي جو طريقيڪار ترتيب ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.