داسو واقعي ۾ دهشتگردي جو شڪ، شڪي شخص جي منڍي ۽ گاڏي هٿ

اسلام آباد( م ڊ) داسو هائڊرو پاور پلانٽ تي ڪم ڪندڙ چينين جي موت واري واقعي ۾ دهشتگردي جو شڪ ڏيکاريو پيو وڃي، هڪ شخص  جي منڍي ۽ هڪ شڪي گاڏي هٿ آئي آهي. هڪ مزدور بي بي سي کي ٻڌايو ته قافلو ويندي ڌماڪي جو آواز آيو، جنهن بعد چينين جي گاڏي هيٺ ڪري تباهه ٿي  وئي. هن گاڏي جي پٺيان ايندڙ ٻين گاڏين جا شيشا  به ٽٽي پيا. علائقي واسين موجب راولپنڊي طرف کان ايندڙ گاڏي چينين جي بس سان ٽڪرائجي وئي. جنهن سان ڌماڪو ٿيو. اهڙي طرح انجڻ کان سواءِ ڪا گاڏي جي ڪا شيءَ سلامت ناهي رهي. شڪي گاڏي جو بونٽ ۽ انجڻ به مليو آهي، جنهن تي چيسز نمبر لکيل آهي. هڪ سرڪاري اهلڪار تصديق ڪئي ته هنڊا گاڏي قافلي جو حصو نه هجڻ باوجود اتي ڪيئن آئي، ان بابت جاچ ڪئي پئي وڃي. منڍي هٿ اچڻ بابت علائقي واسين جو چوڻ آهي ته داسو ننڍو علائقو آهي، جيڪڏهن اها منڍي ڪنهن مقامي ماڻهو جي هجي ها ته خبر پئجي وڃي ها. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.