لاڙڪاڻي ۾ پ پ مخالفن جو اجلاس، سنڌ عوامي اتحاد قائم، جدوجهد جو اعلان

لاڙڪاڻو(رپورٽ: مرتضٰي ڪلهوڙو) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽  پ پ پ حڪومت خلاف لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرس جي سربراهه اڳوڻي سينيٽر ۽ عوامي اتحاد جي ڪنوينر ڊاڪٽر صفدر علي عباسي ۽  جي ڊي اي ايم پي اي سردار معظم علي عباسي جي سربراهي هيٺ سنڌ جي مختلف علائقن کان پ پ پ مخالف سياستدانن جو هڪ اهم اجلاس وليد محلي جي ڪوٽ دراب محلي ۾ ٿيو. ذريعن موجب ان اجلاس ۾ فيصلوڪيو ويو ته ابتدائي طور ايندڙ مڪاني ادارن ۽ عام چونڊن ۾ لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن سطح تي پ پ پ خلاف گڏيل فيصلا ڪري چونڊون وڙهيون وينديون ۽ هر ضلعي ۾ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي طرز مطابق ٻين ضلعن ۾ اتحاد جوڙي پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته پ پ پ 13 سالن کان حڪومت ۾ هوندي سنڌ جي ڀينگ ڪري چڏي آهي ۽ ڪرپشن کي رڪارڊ هٿي ڏني آهي، هنن چيو ته ترقي ته پري جي ڳالهه آهي پر لاڙڪاڻي ۾21 صدي ۾ به ڊرينيج نظام نه آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ اڳوڻي وزير اعظم ۽ اڳوڻو سينيٽ چيئرمين موجوده وفاقي وزير ميان محمد سومرو، اڳوڻو وزير اعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه، اڳوڻو وزير اعليٰ لياقت علي جتوئي، اڳوڻو وفاقي  ۽ صوبائي وزير سردار علي گوهر مهر، سردار غوث بخش خان مهر، اڳوڻي وزير اعليٰ سنڌ ممتاز علي ڀٽو جي پٽ اڳوڻو ايم پي اي امير بخش خان ڀٽو، آغا تيمور خان پٺان، اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، شهيد محترمه بينظيرڀٽو جي اڳوڻي پوليٽيڪل سيڪريٽري ناهيد خان مهر. ايم پي اي شهريار خان مهر، مسرور خان جتوئي، راجا علي نواز مهر، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ اياز لطيف پليجو، ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، اڳوڻو صوبائي وزير مرحوم الطاف حسين انڙ جي پٽ عادل خان انڙ، سردار مبين خان جتوئي، عبدالستار راڄپر، جي يو آءِ علماءِ جي ناصر محمود سومرو، طاهر شاهه، اڳوڻو ڊي آءِ جي سائين رکيو ميراڻي سميت ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. رابطو ڪرڻ ته لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي سربراهه ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ورڪرس جي سربراهه اڳوڻو سينيٽر ڊاڪٽر صفدر عباسي عوامي آواز کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي ميزباني هيٺ اڄ اهم اجلاس ٿيو آهي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ ابتدائي طور تي هر ضلعي سطح لاڙڪاڻي جيان اتحاد ٺاهيا ويندا. بعد ۾ دادو، حيدرآباد سميت ٻين ضلعن ۾ به دوستن جي گڏيل صلاح سان جوڙيا ويندا ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد لاڙڪاڻي ۾ تحرڪ جو بنياد وڌو ۽ ٻين ضلعن ۾ به عوام کي پ پ پ زرداري خلاف تحرڪ ۾ آندو ويندو. هن چيو به شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پارٽي دفن ٿي چڪي آهي ۽ اسان دوستن سان گڏجي سنڌ جي پاڻي جي ورڇ، صحت ۽ عوام کي نه ملندڙ بنيادي سهولتن تي ڀرڀرو نموني سان آواز اٿارينداسين، هن سوال جي جواب ۾ چيو ته 18 هين ترميم جا دعويدار مڪاني چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. انهن کي عوام تي اعتماد نه آهي ۽ انهن  کي خوف ورائي ويو آهي. هن چيو ته مان مطالبو ٿو ڪيان ته پهريان سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو وڃي. هن چيو ته اڳوڻي وزير اعليٰ غوث علي شاهه، لياقت علي خان جتوئي، غلام مرتضيٰ جتوئي، علي گوهر خان مهر سميت سمورن سياستدانن حمايت جو يقين ڏياريو آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پ پ پ زرداري کي ٽف ٽائيم ڏئي لاڙڪاڻو ۽ سکر ڊويزن ۾ پ پ پ جي اميدوارن سامهون گڏيل اميدوار آندا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.