خيرپور ۾ نينگر سان بدفعلي، پوليس ۽ اسپتال انتظاميا اڻ سهڪاري

خيرپور (رپورٽ :شاهد نواز سيال  )خيرپور ۾  شاهه لطيف پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعو منڱريو ۾  8 ورهين جي معصوم نينگر دل  جان پٽ ولي محمد منڱريو کي بااثر جوابدار پاران مبينا طور تي جنسي زيادتي جو نشانو بنائڻ کانپوءِ  کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو ، واقعي جو اطلاع ملڻ شرط نينگر جو پيءُ واقعي واري هنڌ پهچي  نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾  کڻائي سول اسپتال خيرپور  پهتو، جتي اسپتال اندر بيڊ خالي نه هجڻ سبب پهرين مرحلي ۾ نينگر کي اسپتال جي فرش تي ليٽايو ويو، بعد ۾ نينگر جي والد طرفان ڪيل سخت احتجاج کانپوءِ اسپتال جي انتظاميا نينگر کي بيڊ فراهم ڪيو، نينگر جو چيڪ اپ شروع ڪيو، بعد ۾ نينگر جي والد طرفان نينگر سان ٿيل بدفعلي بابت ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ جي گهر ڪئي جنهن تي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر پاران نينگر جي والد کان سرٽيفڪيٽ جي مد ۾ ڳري رشوت طلب ڪئي وئي، نينگر جي والد ولي محمد منگريو ٻڌايو ته سندس معصوم پٽ دل جان منڱريو سان بدفعلي واري واقعي ۾ ملوث جوابدار ماجد منڱريو ڳوٺ جو بااثر آهي، هوڏانهن  بدفعلي جون خبرون مختلف ٽي وي نيوز چئنلن ۽ سماجي رابطن جي ويب سائيٽن  تي وائرل ٿيڻ بعد  نينگر سان بدفعلي ٿيڻ  واري واقعي جو ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او شاهه لطيف کي بدفعلي ڪيس ۾ نينگر جي والد طرفان نامزد ڪيل  جوبدار ماجد منڱريو کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن کانپوءِ ايس ايڇ او شاهه لطيف ڳوٺ جمعو منڱريو تي ڇاپو هڻي جوابدار ماجد منڱريو کي گرفتار ڪري ورتو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.