کنڀي گم ڪيل ڪامريڊ سينگار نوناري آزاد نه ٿيو، 22هين ڏينهن به احتجاج

باڊھ  (ن ع آ)  ) عوامي ورڪرز پارٽي نصيرآباد ۽ وارثن جي سڏ تي ڪالهه 22 هين ڏينهن به سوين عورتون ، ٻارڙا ،پورهيت ۽ سياسي سماجي ڪارڪن روڊ تي نڪري آيا. نوناري محلي کان ريلي ڪڍي وئي،  جنھن ٽئڪسي اسٽينڊ تي ڌرڻي جي شڪل اختيار ڪئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ڪامريڊ عاليه بخشل ٿلهو چيو ته، سنڌ توڙي وفاق حڪومت ۽ عدالتون به ڏسو ته اسانجي آواز کي ڪونه ٿيون ورنائن، پر ڪوڙن قبضن کي جائز ڪرڻ، قبضا گيرن جو تحفظ ڪرڻ ۾ اهي ادارا اڳرا آهن. اسان اوهانجي آواز جو پڙلاء اسين پاڻ آهيون، مظلوم عوام جي آواز جو پڙاڏو ڪامريڊ سينگار جهڙا پورهيت اڳواڻ آهن. اسان کي پنهنجي وسيلن توڙي ماڻهن جي گڏجي مالڪي ڪرڻي آهي. سڀاڻي واري عوامي مارچ ۾ سڀئي گڏ ٿي جبري گمشدگين خلاف ۽ پنهنجي وسيلن جي مالڪي لئه گڏ ٿيو.جيئي سنڌ محاذ چيئرمين سائين رياض چانڊيو چيو تهآئون پنهنجي نياڻين ۽ ڀينرن کي سلام پيش ٿو ڪيان جن جي مسلسل احتجاج ثابت ڪيو آهي ته سنڌ جون ٻاگهل عورتون زنده آهن. جنرل ضيا کان وٺي اڄ تائين جبري گمشدگين جو سلسلو جاري آهي،  هن سلسلي ۾ ملڪ جون عدالتون به پنهنجي ڪم کان ويهاريون ويون آهن. سينگار کي کنڀي گم ڪندڙ ادارن ملڪ کي عدم استحڪام ۽ عدم تحفظ جو شڪار ڪيو آهي،قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عنايت تنيو ڌرڻي سان مخاطب ٿيندي چيو ته، 22 ڏينهن کان سينگار نوناري گم آهي، اسين شهري حلف کڻي چئون ٿا ته سينگار بي ڏوهي آهي کيس آزاد ڪيو وڃي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ محمد علي خشڪ چيو ته، ايم پي اي جو اميدوار توڙي اڳوڻو چونڊيل ڪائونسلر کنڀجي وڃي ٿو ته هتي ڪهڙي قسم جي سياست محفوظ سمجهون؟ ڪامريڊ سينگار نوناري سميت صنعان توڙي ٻين سياسي اسيرن کي ظاهر ڪيو وڃي، ريلي ۽ ڌرڻي ۾ عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ ( رياض) ، جيئي سنڌ قومي پارٽي، ايس ٽي پي، شهري اتحاد نصيرآباد، گسٽا، رائيس ملز مزدور يونين ،رائيس ملر ائنڊ ٽريڊ يونين، فوڊ ائنڊ گرين مرچنٽ ايسوسيئيشن، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو ،ايس يو پي، سنڌي شاگرد تحريڪ، ڪميونسٽ پارٽي، شيعا علما ڪائونسل، ڪمنان، نمنان ، نون ليگ، ڪبوا، نمسوا ،ناري جمهوري محاذ ، عوامي ورڪرز پارٽي، پروگريسو اسٽوڊنٽ فيڊريشن ، بوٽ هائوس يونين، جنرل اسٽور يونين ، ميڊيڪل اسٽور يونين، ڪلاٿ مارڪيٽ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.رپورٽرنظام ڪولاچي  باڊھ  ضلعولاڙڪاڻو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.