ڪوٽڙي افغان بستي ۾ پوليس ٽيم يرغمال، ڪٽڪو، اهلڪارن ڀڄي جان بچائي

ڪوٽڙي (رپورٽ: جبار ڪابورو) غير قانوني طور رهندڙ افغانين جي بستيء ۾ داخل ٿيڻ ڪوٽڙي پوليس کي مهانگو پئجي ويو، آر آر ايف آ چار پوليس هلڪار ۽ مخبر زخمي گذريل رات دير سان ٿيل واقعي موجب ڪوٽڙي  سائيٽ ۾ قائم افغان بستي ۾ پوليس جيئن ئي پهتي ته  افغاني مڇرجي پيا پوليس کي ڪٽڪو ڪڍي نئين قائم ڪيل افغان بستي مان ڊوڙائي ڇڏيو ۽ گرفتار ڪيل جوابدار کي به ڇڏائي ويا چئن  موبائلن ۾ آيل پوليس ساڻن مزاحمت ڪرڻ بدران جان بچائي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ٻڌايو پيو وڃي ته  روپوش ڏوهاري گرفتار ڪرڻ لاءِ ويل آر آر ايف ڄامشورو، ون فائيو پوليس ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي پوليس  تي افغانين حملو ڪري ڏنو جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪرڻ بجاء ڀڄي جان ڇڏائي  اهڙي وڊيو عوامي آواز هٿ ڪري ورتي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو  ته  پوليس سان گڏ سول ڊريس ۾ ويل هڪ همراھ کي افغانين يرغمال بڻائي کيس تشدد جو نشانو بڻائيندا رهيا پوليس سان گڏ سول ڪپڙن ۾ ويل شخص مبينا طور پوليس جو مخبر ٻڌايو پيو وڃي افغانين جي تشدد دوران پوليس مخبر ۽ سندس پستول کي لڪائڻ جا جتن ڪندي رهي، جنهن دوران پوليس اهلڪارن تي پڻ لتن ۽ مڪن جو وسڪارو ڪيو ويو،ذريعن موجب پوليس روپوش گرفتار ڪرڻ لاءِ نه وئي هئي بلڪي معمول مطابق غير قانوني طور رهندڙ افغانين کي گرفتار ڪرڻ جو ڊپ ڏئي کانئن رشوت وٺندي رهي آهي  پر هن ڀيري افغانين پوليس کي پيسا  ڏيڻ بدران حملو ڪري ڏنو ۽ پوليس پاران گرفتار ڪيل هڪ ڄڻي کي موبائل مان لاهي ڇڏائي ورتو. اهڙي معاملي کان پوء ذريعن جو چوڻ آهي ته  معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ لاءِ ڊي ايس پي ڪوٽڙي افغانين وٽ پهچي کانئن معافي پڻ ورتي آهي پر پوليس ان ڳالھ جي سختي سان ترديد ڪري رهي آهي پوليس کي مليل مار جون خبرون سوشل ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ ڪوٽڙي ٿاڻي تي پوليس 28 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. بستي انچارج اي ايس آء نظر پنهور جي مدعيت داخل ٿيل ايف آء آر موجب پوليس اطلاع تي روپوش ڏوهاري گرفتار ڪرڻ وئي ته  اڪبر پٺاڻ سميت  27 ڄڻن پوليس تي حملو ڪري ڏنو ۽ گرفتار ٿيل ڏوهاري ڇڏائي ورتو. پوليس جي اهڙي رويي تي سڄاڻ شهرين پاران ڄامشورو پوليس تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ٻئي طرف آر آر ايف انچارج سان بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.