حڪومت مهانگائي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي: قادر مگسي

حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي چيو آھي ته  ملڪ اندر مھانگائي چوٽ تي چڙھي وئي آھي. حڪمرانن  جي غلط معاشي پاليسين سبب ملڪ جي معيشت جي ڏيوالو نڪري ويو آھي. عام واھپي جي شين جا اگھ ايترا تيزي سان وڌي رھيا آھن جو ھاڻي عام غريب مسڪين ماڻھو ھڪ ويلي جي لاءِ پريشان ٿي ويو آھي. حڪمران عوام جو احساس بدران عالمي مالياتي ادارن جي مرضين کي پورو ڪري رھيا آھن  ٻن ھفتن جي اندر کنڊ ، اٽو، گيھ سميت عام واھپي جون شيون نه  صرف مھنگيون ڪيون ويون آھن پر ان سان گڏ پيٽروليم منصوعات جا اگهه وڌائي غريب مسڪين پورھيت طبقي جي ھن حڪومت چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي. عمران خان جي سرڪار کي ڪو اخلاقي جواز ناھي رھيو ته  ھو وڌيڪ وقت اقتدار ۾ رھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.