افغان پناهگيرن جي آمد سان سنڌ وڌيڪ متاثر ٿيندي: جلال محمود شاهه

گلشن اقبال (ن ع آ)سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي ڪنوينئر ۽ ايس يو پي سربراهه سيد جلال محمود شاھ چيو آهي ته سنڌ هاڻي وڌيڪ غيرملڪين  جو بار برداشت نٿي ڪري سگهي تنهنڪري وفاقي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ملڪي سرحدن تي سختي ڪرڻ گهرجي.سيد جلال محمود شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته  ملڪ خصوصن سنڌ اندر افغان پناهگيرن جو دٻاءُ آهي اڳم ئي سنڌ اندر لکن جي تعداد ۾ پناهگير بغير ڪنهن قانوني عمل جي ترسيل آهن جن کي پڻ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت پهنجي ڏيھ موڪلڻ لاءِ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا. اسين سمجهون ٿا ته افغان پناهگيرن جي ملڪ ۾ اچڻ سان سنڌ شديد متاثر ٿيندي تهنڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته  افغان پناهگيرن جي سنڌ ۾ آمد کي روڪڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي ۽ پنجاب ۽ بلوچستان سان ملندڙ رستن تي چوڪسي سخت ڪئي وڃي.ٻئي طرف سيد جلال محمود شاھ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جو سربراهي اجلاس سومر 19 جولائي تي صبح جو 11 وڳي جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشوري تي طلب ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.